اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ملڪ هلائي سگهون: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ملڪ هلائي سگهون.

ايف بي آر جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر ٺهيو ئي نه، ٽيڪس چوري ڪرڻ کي ماڻهو برو سمجهندا ئي ناهن.

هن چيو ته قرضي ملڪ جي وزيراعظم دورن تي ڏهوڻ تي وڌيڪ خرچ ڪيو، حڪمران کي ٽيڪس جو پئسو خرچ ڪرڻ جو احساس نه ٿيندو ته ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا، ملڪ جو استحڪام داءَ تي لڳايو ويو، ضروري آهي ته ٽيڪس ڪليڪشن وڌي.

سندس چوڻ هو اشرافيا شاهاڻي زندگي ختم ڪندا ته ماڻهن جو حڪومت تي اعتماد وڌندو، اسان وٽ ايترو پئسو ناهي جو ملڪ هلائي سگهون، قرض وٺڻو پوندو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ کي 30 ٽريلين جو قرضي بڻائيندڙن کي سزائون ملڻ گهرجن، 10 سالن ۾ ايڏو قرض وٺڻ باوجود ڊيم ٺهيا نه ڪو وڏو ڪم ٿيو، ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ٽيڪس ڏيڻ ۾ آهي، اسان جو هدف 6 هزار ارب رپين جو روينيو گڏ ڪرڻ آهي.

عمران خان چيو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿيندي، ايف بي آر جو ٽيڪس وصولين ۾ وڏو ڪردار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.