جيڪب آباد: جي يو آءِ اڳواڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ اڳواڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي يو آءِ اڳواڻ قاري محمد الياس جي قتل خلاف مظاهرو ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالجبار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ساٿي قاري الياس کي بي گناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته سندس قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.