سوڀوديرو: دڪاندارن جو پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج

سوڀيديري ۾ دڪاندارن پاران پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي دڪاندارن امجد سامٽيو، فتح علي سومرو، جميل شيخ ، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ٽائون انتظاميا جي بي ڌياني سبب بازار جي مين گٽر لائين ڦاٽي پوڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي بازار ۾ ٿيڻ ڪري ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود گٽرن لائينن جو ڪم ناهي ڪرايو ويو، گٽرن جو گندو پاڻي رستن تي بيهجي وڃڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گٽرن جو ڪم ڪرائي شهر جي صفائي ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.