سينيٽر جي سيٽ ڇڏيندڙ ايوب آفريدي کي ٻيو عهدو ملي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽر ايوب آفريدي کي وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

صدر عارف علوي وزيراعظم جي سفارش تي ايوب آفريدي جي مقرري جي منظوري ڏني.

ڪابينا ڊويزن ايوب آفريدي جي صلاحڪار طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پڌرائيءَ موجب ايوب آفريدي وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار هوندو، جڏهن ته سندس عهدو مملڪتي وزير برابر هوندو.

واضح رهي ته ايوب آفريدي سينيٽر جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.