نوابشاهه: پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نواب شاهه  ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاهه جي ڊاڪٽرن پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر فراز ڪيريو، ڊاڪٽر محسن مينگل ۽ ٻين چيو ته صحت کاتي جي آفيسرن کي فوري طور تي رسڪ الائونس ڏنو وڃي،

جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري ايم ايس آفيس جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته سڀني پوسٽ گريجوئيٽ آفيسرن کي  صحت رسڪ الائونس فوري طور تي ڏنو وڃي.

هنن چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ڪينٽين کي بحال ڪري  دوائن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ اسپتال جي سيڪورٽي کي بھتر بڻايو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مطالبا تسليم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.