هالا: تعلقا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

هالا ۾ سنڌ نوجوان اتحاد پاران تعلقا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن محمد موسا سيال، فقير محمد لاکو، سليم سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تعلقا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي کوٽ سبب رهواسين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته هفتي کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اسپتال مان ڊاڪٽر  ۽ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.