نوابشاهه: واپڊا ملازم تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ واپڊا ملازم تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آل پاڪستان هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران شير محمد نظاماڻي، انور حسين چانڊيو، سرور لاشاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا ملازم رحمان زرداري تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لا احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بلن جي رهتن سبب رحمان زرداري ڄام صاحب جي علائقي ۾ بجلي جو ڪنيڪشن ڪٽڻ ويو جنهن تي ڳوٺاڻن مڇرجي کيس تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن چيو ته ٽئي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي آهي،

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.