نجف ۽ ڪربلا سميت مختلف هنڌن تي 5 نوان قونصل خانا کولڻ جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مختلف ملڪن ۾ 5 نوان قونصل خانا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ذريعن موجب نوان قونصليٽ جرمني، اٽلي، آمريڪا ۽ عراق ۾ کوليا ويندا، اها مشنز ميونخ، نيپلز، اٽلانٽا، نجف ۽ ڪربلا ۾ کوليا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نوان قونصل خانا کولڻ جو فيصلو سمنڊ پار پاڪستانين جي مطالبي تي ڪيو ويو، عراق ۾ نوان قونصليٽ پاڪستاني زائرين جي سهولت لاءِ ڪم ڪندا، اٽلانٽا ۾ نئون قونصل خانو عالمي ميڊيا هينڊلنگ ۽ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ لاءِ ڪم ڪندو.

ذريعن موجب پرڏيهي وزارت انهن مشنز تي وڌيڪ انتظامي ۽ ٻين معاملن تي ڪم مڪمل ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.