”ڪنهن سياسي جماعت اهڙي حرڪت نه ڪئي جيڪا مريم نواز جو ٽولو ڪري رهيو آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس بابت آڊيو جعلي ثابت ٿي، راند کيڏندڙ سڀ ڪردار اسان جي سامهون آهن، مريم شايد پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي قابو ۾ ڪرڻ لاءِ انهن جون ويڊيوز ٺهرائي رهي آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ن ليگ طرفان ثاقب نثار جهڙيون ويڊيوز نئين ڳالهه ناهي، ججن تي دٻاءَ لاءِ اهڙي مهم هلائي ويندي آهي، ڪنهن سياسي جماعت اهڙي حرڪت نه ڪئي جيڪا مريم نواز جو ٽولو ڪري رهيو آهي.

هن سپريم ڪورٽ بار طرفان جاري ڪيل پريس رليز جي آجيان ڪندي چيو ته ججن خلاف مهم سان سپريم ڪورٽ بار جي لاتعلقي سٺو سنئوڻ آهي، سپريم ڪورٽ بار جي پريس رليز پاڪستان جي آئين موجب آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٿيڻ گهرجن ۽ ٿينديون، عدالتي حڪمن تي عمل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اليڪشن ڪميشن سان رابطو قائم ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم لاءِ حڪومت جي گهربل هر مدد ڏينداسين، ن ليگ کي شڪر ڪرڻ گهرجي ته نواز شريف جا پٽ به ووڊ ڏئي سگهندا.

فواد چوڌري مهانگائي جي حوالي سان چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت 85 رپيا في ڪلو تي اچي ويندي، ٽماٽو، بصر ۽ ادرڪ سستو ٿيو آهي، تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ آهي.

هن چيو ته بدقسمتي سان ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيڪ آهن، ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق رڳو پاليسي ڏئي سگهي ٿو، عمل صوبائي حڪومتن کي ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.