ڊاڪٽرن طرفان مُئل قرار ڏنل شخص جيئرو ٿي ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي، جتي ڊاڪٽرن طرفان مئل قرار ڏنل شخص مردي خاني ۾ جيئرو ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي مراد آباد ۾ ٽريفڪ حادثي جو شڪار ٿيندڙ 45 ورهين جي شهري سري ڪيش کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏئي ڇڏيو.

سري ڪيش کي سرڪاري اسپتال پوسٽ مارٽم کانپوءِ مئل قرار ڏنو ۽ گهرڀاتين جي اسپتال پهچڻ کان اڳ مردي خاني منتقل ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته مردي خاني ۾ موجود سري ڪيش 6 ڪلاڪن کانپوءِ ساهه کڻڻ لڳو ۽ جڏهن گهر ڀاتي مڙهه وصول ڪرڻ پهتا ته هو ساهه کڻي رهيو هو.

ڊاڪٽر موجب مئل شخص جو 6 ڪلاڪن کانپوءِ ساهه کڻڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي پر سري ڪيش هاڻ به ڪوما ۾ آهي ۽ ان جو علاج هلندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.