احساس راشن پروگرام ۾ رجسٽريشن لاءِ ايس ايم ايس سروس شروع

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احساس راشن رجسٽريشن ايس ايم ايس سروس جي شروعات ٿي وئي.

وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ثانيه نشتر موجب احساس راشن رعايت لاءِ هر گهراڻي جو هر ئي فرد اهل هوندو، گهراڻي جو ڪو به فرد رجسٽريشن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ايس ايم ايس ڪري سگهي ٿو.

هن ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊ نمبر اهڙي موبائل سم تان موڪليو وڃي، جيڪو ان جي نالي تي رجسٽرڊ هجي.

سندس چوڻ هو ته احساس راشن رعايت پروگرام مان 2 ڪروڙ خاندان فائدو کڻندا، ڪرياني مالڪ راشن پروگرام لاءِ رڳو احساس راشن ويب پورٽل تي ئي رجسٽرڊ هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.