فواد چوڌري، اڀي نندن کي اعزاز ڪاميڊي فلم جي شوٽنگ قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارتي فضائيا جي پائلٽ اڀي نندن کي ڏنل اعزاز کي ڪاميڊي فلم جي هڪ سين جي شوٽنگ قرار ڏئي ڇڏيو.

فواد چوڌري ٽوئيٽر تي ڀارتي ايوان صدر ۾ ايوارڊ تقريب جي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ اڀي نندن کي ڀارتي صدر ”وير چڪرا“ اعزاز سان نوازي رهيو آهي.

وفاقي وزير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اڀي نندن ان ايوارڊ کي وصول ڪندي سوچيندو هوندو ته مان ڇا ڪيو؟

هن وڌيڪ لکيو ته ايوان صدر ۾ ڪاميڊي فلم جي هڪ سين جي شوٽنگ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.