شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين جي سينيٽر بڻجڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو.

تحريڪ انصاف سينيٽر ايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪري ورتو آهي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوب آفريدي جي سيٽ خالي قرار ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن خالي سيٽ تي 30 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي پابندي آهي.

هوڏانهن ايوب آفريدي جو چوڻ هو ته مان وزيراعظم کي استعيفيٰ پيش ڪئي پر گڏيل اجلاس سبب انتظار جو چيو ويو، منهنجي سينيٽ سيٽ وزيراعظم جي امانت هئي، خوشي سان واپس ڪيم، هاڻ وزيراعظم جو اختيار آهي ته جنهن کي چاهي ذميواري ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.