ڦلجي ۾عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا، اسسٽنٽ ڪمشنر پهتو

ڦلجي اسٽيشن  (ن ع آ)  ڦلجي اسٽيشن شھر ۾ واپارين پاران کاڌي پيتي جي عام واھپي جي شين ۾ ھٿرادو اگھ وڌائڻ تي شهرين پاران شڪايتون ڪرڻ تي اي سي دادو صاحب خان لنڊ پنهنجي عملي سان گڏ پھچي کاڌي پيتي جي عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا جڏهن ته اي سي دادو صاحب خان لنڊ ڪارروائي ڪندي واپارين پاران ھٿرادو مھانگي اگھ تي کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪرڻ تي واپارين کان ڏنڊ وصول ڪيا جڏهن ته اي سي دادو جي پھچڻ تي شھر جا ڊي اي پي ڀاڻ مھانگي اگھ تي وڪر ڪندڙ واپاري پنھنجا دڪان بند ڪري ڀڄي ويا جنهن کانپوءِ اي سي دادو شھر ين جي شڪايتن تي يوٽيلٽي اسٽور تي پھچي ڪري کاڌي پيتي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.