سيوهڻ ۾هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو

سيوھڻ(ن ع آ(سيوھڻ ۾ جھاز چوڪ وٽ ٻن ھٿيار بندن پاران فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سجاد علي ۽ گل حسن چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جن کي سيوھڻ اسپتال پھچائي  بروقت طبي امداد مھيا ڪئي وئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته زخمين جو اصل تعلق ميھڙ جي ڳوٺ درياڻي چانڊيو سان آھي ۽ سندن چانڊيا برادري جي جوابدارن سان زمين تان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي جنھن تان ٻن جوابدارن وجھ وٺي فائرنگ ڪري سجاد علي ۽ گل حسن چانڊيو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن ٻنهي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته سيوھڻ پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.