نوشهري مبينا مقابلي ۾ محب ۽ اطهر سولنگي قتل مامرو، نظرثاني بابت درخواست جي ٻڌڻي

سکر(رپورٽر) مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل محب ۽ اطهر سولنگي واري معامري ۾ ڊي ايس پي مورو پاران  سيشن ڪورٽ جي عدالت جي فيصلي تي نظرثاني بابت درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ڊي ايس پي کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز پاران محب ۽ اطهر سولنگي کي پوليس پاران ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ واري داخل درخواست جي ۾ ڊي ايس پي مورو تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي مورو پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ نظرثاني بابت درخواست داخل ڪرائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.