ٽنڊو غلام علي لڳ حادثو، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

ٽنڊو غلام علي (ن ع آ)گولاڙچي کان جيمس آباد وا يا ٽنڊو غلام علي ويندڙموٽر سائيڪل   سوار واپارين ۾شامل هر هڪ فاروق مغل۽ آشوڪ ڪمار ڪولهي ٽنڊو غلام علي ڀرسان 11وا ٽر اسٽاپ لڳ وچ روڊتي بيٺل موٽر سائيڪل سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ سخت مرڻينگ  ٿي پيا جن کي فوري طور سرڪاري اسپتال ٽنڊو غلام علي پهچايو ويو جتان زخمي واپاري فاروق مغل کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب حيدر آباد اماڻيو ويو جڏهن ته وچ روڊتي موٽر سائيڪل بيهاريندڙ  سوار موقعي تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

  • نارو ۾ بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

نارو(ن ع آ) ناري تعلقي جي تجل واري علائقي ٿر ڌڻي بادشاه  جي رهواسي معزز شخصيت زميندار محمد مٺل کورکاڻي پنهنجي ڪمدار نيڪ محمد رند سان گڏ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجو هاري الهوڌايو اڄڻ جيڪو ڪجھ مهينا اڳ منهنجو هارپو ڇڏي وڃي پاڙي جي  ٻئي زميندار صوفي ظھير جو هارپو ڪري رهيو آ ساڻس منهنجو چوپايو مال ڀائيچارو آھي جنهن جي مور جي رقم به وٽس رهيل آھي چوپائي مال ۾ مينهون ٻڪريون شامل آھن جيڪي هو ڦٻائڻ چاهي ٿو ۽ مون مٿان ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام لڳائي رهيو آھي جن ۾ ڪا به صداقت ناهي آءُ هڪ شريف انسان آھيان هو مون مٿان ڪوڙا الزام لڳائي سماج ۾ منهنجي ساک کي نقصان رسائي رهيو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.