ڀرياسٽي لڳ دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جون ڌمڪيون، شٽر بند هڙتال

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀريا روڊ جي ريلوي اسٽيشن روڊ تي سئو کان وڌيڪ دڪانن ۽ گهرن جي مالڪن ۽ سوين شهرين وڪيل نظير ڪيريو، رمضان ملڪ، ملڪ عباس، يونس ملڪ، ۽ ٻين سياسي بااثر ۽ روينيو عملي ڀريان پاران غير قانين قبضن ۽ ڌمڪين خلاف شٽر بند هڙتال ڪري مري مسجد کان فاروق اعظم چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي هنن چيو ته 60 سالن کان گهرن ۽ دڪانن تي ويٺل آهيون، اسان وٽ دڪانن جي رجسٽري جا ڪاغذ پڻ موجود آهن ھنن چيو ته بااثر ڌريون جيڪي سروي نمبر (288)جي دعوي ڪري رھيا  آهن پر ھي ڳوٺ ڇتو دراھو جي حد آهي جڏهن ته اسان جا دڪان مغل ڳوٺ ۾ واقع آهن جنهن جي تصديق سروي سپريٽنڊنٽ سکر ڊويزن پنهنجي ليٽر تحت ڪئي  آهي جڏهن ته اسسٽنٽ  ڪمشنر روينيو ڀريا 23 نومبر 2018 انٽري نمبر(127) سروي نمبر 288 کي پنهنجي ليٽر ۾ جعلي قرار ڏئي چڪو آهي  جڏهن ته بورڊ آف روينيو حيدرآباد به اھڙي دعوي کي غير قانوني ۽ جڙتو قرار ڏئي رد ڪيو آهي،ھنن چيو ته ھاڻي اي سي ڀريا ، ڊي ايس پي ڀريا،مختيارڪار ، ڀريا تپيدار ڀريا سياسي دٻاءُ  ۽ ڳري رشوت عيوض دڪاندارن کي نوٽس ڏئي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جاني ۽ مالي نقصان رسائڻ کان علاوا مختلف طريقن سان حراسان ڪري شھر جو ڪاروبار ۽ امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري  رھيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.