ٽنڊي غلام حيدر لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ عورت فوت

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ حاجي ماهي خاصخيلي وٽ ماتلي_ڏندو روڊ تي ڪمند سان ڀريل ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽنڊوالهيار واسي 45 سالا حاجران زال محمد ايوب ڪنڀر ڇيپاٽجي تڏي تي فوت ٿي پئي،اطلاع بعد حد جي نظرپور پوسٽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ ٽنڊوغلام حيدر اسپتال آندو جتان فوتي عورت حاجران ڪنڀر جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته آخري اطلاع تائين حادثي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.