لاڙڪاڻي ۾ چوري جو جوابدار سڳ سوڌو گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس پاران چوري ڪيس ۾ گهربل جوابدار سڳ سودو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي سندس وٽان چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم هٿ ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري عدالت مان رمانڊ وٺڻ بعد کانئنس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او انسپيڪٽر نور احمد مغيري جي اڳواڻيءَ ۾ حد جي منگت شاخ وٽ ڇاپو هڻي جوابدار زبير ٻوسڻ کي سڳ سودو گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار وٽان شهري محمد يونس ٻوسڻ جي آٽور واري دڪان تان چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم هٿ ڪري سندس مٿان شهري محمد يونس ٻوسڻ جي فرياد تي گناهه نمبر 2021/52 قلم 457، 380 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کي سول ڪورٽ رتوديرو ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪرڻ بعد کانئنس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.