نوابشاهه ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڪوڏرون کڻي ، ڌرڻو

نوابشاھه (رپورٽ فياض چنڊ ڪليري) نصرت ڊويزن جي مکيہ وھڪري گاجراواھ مان نڪرندڙ  ڍورو نارو شاخ جي آبادگارن پاران سندن حصي جو پاڻي نہ ڏيڻ ۽ ھٿرادو وارا بندي ڪرڻ واري عمل خلاف شاخ جي 6 ايل واٽر ڪورس وٽ ڪوڏرون کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو آبادگارن بحرام خان رند، گلاب خان راھو، جاد محمد گدارو، محمد اقبال رند، حاڪم رند ۽ ٻين آبپاشي جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي انھي موقعي تي متاثر آبادگار دانھيندي چيو تہ ھن وقت ڪڻڪ جي پوکي جي مُند پنھنجي انتھا تي پھتل آھي انھي وقت ۾ زمين کي پاڻي جي تمام گھڻي ضرورت ھوندي آھي اھڙي موقعي تي آبپاشي جي ڪامورن ھٿرادو وارا بندي ڪري اسان غريب آبادگارن جي حصي جو پاڻي وارا بندي آڙ ۾ بند ڪري ڇڏيو آھي گذريل ھفتي ناليِ ماتر پاڻي ڇڏيو ويو اسان اڃا ڪڻڪ جي پوکي لاءِ لکين روپيا خرچ ڪري تياري ڪئيسين تہ وري وارا بندي  ڪئي پئي وڃي ھنن چيو تہ آبپاشي جي ڪامورن جي اھڙي روش سبب اسان غريب آبادگار قرضدار ٿي ويا آھيون مھانگائي جي ھن ڳاٽي ٽوڙ دور ۾ جڏھن ٻج، ڀاڻ، ڪلر، ھر سميت اسان جا لکين روپيا خرچ انھي اميد تي ٿين ٿا تہ ڪڻڪ جي پوکي ٿيندي تہ اسان جا سڀ ڏک درد دور ٿي ويندا پر ھتي تہ ڪربلا لڳي پئي آھي مسلسل پاڻي جي وارا بندي ڪرڻ سبب علائقي ۾ 10 سيڪڙو مشڪل سان ڪڻڪ جي پوکي ٿي آھي ۽ جيڪا پوکائي ڪئي وئي آھي اھا بہ وقت سر پاڻي نہ ملڻ سبب سُھڪڙي جو شڪار ٿي ويو آھي ھنن چيو ته اسان آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ عذرا فضل پيچوھو جا ووٽر آھيون ۽ اسان اليڪشن مھم دوران بہ ھنن اڳواڻن کان ٻيو ڪو بہ نہ صرف پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو پر افسوس اڄ بہ اسان ساڳئي پاڻي جي ھٿرادو ڪامورن جي ڪيل کوٽ جو شڪار ٿي ويا آھيون ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آبپاشي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو تہ ڍورو نارو شاخ ۾ وارا بندي آڙ ۾ ھٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ آبپاشي ڪامورن خلاف قدم کڻي ھٿرادو وارا بندي ختم ڪئي وڃي ۽ ڪڻڪ جي پوکائي ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻي جو گھربل حصو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.

  • سنڌڙي ۽ ڀرپاسي زرعي ڀاڻ اڻلڀ، نقلي وڪرو

سنڌڙي (ن ع آ) سنڌڙي ۾ وڪرو ٿيندڙ زرعي ڀاڻ آبادگارن لاءِ اڻ لڀ ٿي ويو آهي جڏهن ته نقلي ڀاڻ جي کلي عام وڪرو جاري آهي. آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪمند سميت ٻين فصلن جي پوکائي لاءِ ڀاڻ نه ملڻ سبب ميرپورخاص ضلع ۾ زرعي فصلن کي وڏي نقصان جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ميرپورخاص، سنڌڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڀاڻ مافيا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ذريعن موجب ڀاڻ مافيا پاران ڀاڻن جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري قيمتون ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري ڇڏيون آهن ڪجھ هفتا اڳ 600 هزار روپين ۾ ملندڙ ڊي اي پي جي بليڪ تي قيمت 9 هزار 200، 18 سئو روپين ۾ ملندڙ يوريا جي ٻوري 26 سئو روپيا، 4 هزار روپين ۾ ملندڙ اين پي ( 23، 23 ) 5 هزار 5 سئو جڏهن ته 16 سئو روپين ۾ ملندڙ ايمونيم نائٽريٽ 22 سئو روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي، فصلن جي پوکائي ۽ تيار فصلن کي لازمي طور ڀاڻ ڏيڻ جو سيزن شروع ٿيڻ شرط ڀاڻ مافيا ڀاڻ پنهنجن گودامن ۾ اسٽاڪ ڪري قيمتون وڌائي ڇڏڻ سبب تباه حال آبادگار ۽ ننڍا زميندار پنهنجن زرعي فصلن کي بچائڻ لاءِ مهانگن اگھن تي ڀاڻ خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي ۽ زرعي ڀاڻ جي اگھن ۾ هٿرادو واڌ ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن جڏهن ته لاڳاپيل زرعي کاتي جي ڪامورن سميت ضلع جون اختياريون نقلي ڀاڻ ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري باڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جي شڪايتن جي باوجود زرعي ڀاڻن جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ ڀاڻ مافيا خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بدران اگھور ننڊ ۾ سُتل آهي، آبادگارن فقير رحيم شر بخش خان نسيم احمد  ممتاز علي نور محمد   ۽ بين  مطالبو ڪيو آهي ته  سنڌڙي تعلقي سميت پوري ضلع ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن ۽ نقلي ڀاڻ وڪرو ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڀاڻ جي فراهمي کي سرڪاري اگھن تي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

  • سجاول جي شگر ملن پيڙهائي شروع نه ڪئي، آبادگار پريشان

سجاول (ڊ ر) سجاول ضلعي جي ٽن شگر ملن  اڃان تائين چمني به نه ٻاري، سنڌ سرڪار پاران هڪ ڊسمبر تائين ملون هلائڻ واري اعلان تي به عمل نه ٿي سگهندو، بيٺل ڪمند جي فصل کي نقصان ٿيڻ جو انديشو، آبادگار طبقو پريشان بڻجي ويو خبر موجب ضلعي سجاول جي ٽن وڏين شگر ملن ديوان شگر مل، شاهمراد شگر ۽ لاڙ شگر ملز جي انتظاميا پاران اڃا تائين چمني به نه ٻاري وئي آهي جنهن ڪري سنڌ سرڪار پاران هڪ ڊسمبر کان ملون هلائڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهندو جڏهن ته سجاول ضلعي جي مختلف علائقن ۾ بيٺل ڪمند جو فصل مڪمل تيار هجڻ ڪري وقت تي شگر ملون نه هلڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين کي وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي جڏهن ته سنڌ جون ڪافي ملون چالو ٿي ويون آهن يا چالو ٿيڻ جي فل تياري ۾ آھن ليڪن سجاول ضلعي جي ڄاڻايل شگرملن جي انتظاميا ڪمند جي پيڙاهي جي لاء اڃان تائين ڪابہ  تياري نه ڪئي آهي جڏهن ته شگر ملز کي ڪمند جي پيڙائي لاءِ 15 ڏينهن اڳ ان جي چمني کي ٻاريو ويندو آهي ليڪن سجاول ضلعي جي ٽن شگرملز جي انتظاميا اڄ ڏينهن تائين ڪا به تياري وغيره شروع نه ڪئي آهي انهي سلسلي ۾ هتان جي آبادگارن انديشو ظاهر ڪيو آهي ته وقت تي ملون نه هلڻ ڪري ڪافي علائقن ۾ هن وقت تيار بيٺل ڪمند جي فصل کي وڏو نقصان ٿيندو، جنهن ڪري اسين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌ سرڪار جي حڪمن باوجود هڪ ڊسمبر تائين شگر ملون نه هلائيندڙن شگر ملز جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي پاسي سجاول ضلعي سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري سجاول جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  سجاول ضلعي ۾ شگرملون نه هلڻ هڪ وڏي بدمعاشي آهي، ملون وقت تي نه  هلڻ سان  چيٽي فصل وقت سر نہ پوکجي سگهندو ۽ آبادگارن کي ڪافي نقصان ٿيندو.

  • راڻيپور ۾ڪمند جي فصل کي باھه، لکين رپين جو نقصان

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي سينيئر صحافي انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور جي نائب صدر علي مردان شاھاڻي جو ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي ۾ 30 جريب بيٺل ڪمند کي نامعلوم شرپسندن باھ ڏئي ڇڏي. جڏھن ته بيٺل سمورو ڪمند سڙي رک ٿي ويو. ان موقعي تي سينيئر صحافي علي مرادن شاھاڻي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي 30 جريب بيٺل ڪمند کي باھ ڏني وئي آھي اسان جو گذر سفر ان زمين جي فصل تي ھوندو آھي، اسان جي ڪنهن سان به ڪابه دشمني ناھي، اسانجي وس وارن، اعليٰ اختيارين ۽ ڊي سي خيرپور ميرس راجا طارق چانڊيو کي اپيل آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اسان مسڪينن سان انصاف ڪري سڙي ويل فصل جو ازالو ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي. جڏھن ته واقعي جي راڻيپور ٿاڻي تي اين سي داخل پڻ ڪرائي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.