ڪوٽڙي ۾ٽرڪ ڊرائيورن پاران بدامني خلاف گاڏيون بيهاري ڌرڻو

ڪوٽڙي(ت ر(ڪوٽڙي ڦورن کان بچايو، ٽرڪ ڊرائيورن طرفان  ڪوٽڙي فلاء اور تي ڌرڻو ٽرڪون بيهاري روڊ بند ڪري ڇڏيو ، احتجاج سبب فلائي اور جي ٻنھي طرف ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ ٽرڪ ڊرائيورن دانهيندي ٻڌايو تہ نامعلوم ھٿياربند ٽرڪ ڊرائيورن کان روزانو ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽان ڦرون ڪن ٿا، بدامني جي باھ هوندي به ڪوٽڙي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪوبه فرياد نٿو ٻڌي هنن مطالبو ڪيو آهي تہ بدامني کي ٻنجو ڏئي ڦورن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف  پوليس جون مظاھرين سان ڳالھيون ناڪام، 3 ڊرائيور گرفتار، چئن ڪلاڪن بعد روڊ کوليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.