اڏيري لال ڀرسان نماز دوران کيسا ڪٽيندڙ 4 شاهينگ سوگها

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) اڏيرولعل لڳ کيبر ۾ گذريل ڏينهن منظور کيبر جي چاچي محمد کيبر جي جنازي نماز دوران چار ماڻھو ٽوڊي ڪار نمبر AGD 077 ۾ سوار جنازي نماز ۾ شريڪ ٿي جنازي نماز دوران نماز پڙھندڙن ماڻھن جا جيب ڪٽڻ لڳا ۽ جيب ڪترو عبدالغفار سومرو عبدالجبار چانڊيو ۔ ارشاد علي چانڊيو،  مظھر علي گوپانگ کي جنازي نماز ۾ شريڪ تر جي ماڻھن سوگهو ڪري کيبراڻي پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ بروقت کيبراڻي پوليس پهچي جيب ڪتروئن کي ڪار سميت گرفتار ڪري کيبراڻي پوليس ايس ايڇ او تسليم احمد ڀرڳڙي ۔ اي ايس آء غلام علي راهو ۔ ننڍو منشي نورالدين خواجا جي نگراني ۾ جيب ڪتروئن تي قلم نمبر 34.379. پي پي سي ۔ گناه نمبر 14.2021. ڪيس داخل ڪري چالان ڪري مٽياري ڪورٽ ڏانهن موڪليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.