ڏهرڪي لڳ گهر تي حملو، ڦر لٽ، عورت ۽ سندس پٽ اغوا، احتجاج

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي ويجهو مبينه طور اغوا ٿيل گهر واري ۽ پٽ جي بازيابي لاءِ پورهيت جو احتجاج ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب ڏهرڪي ويجهو لشڪر پٽ واسي پورهيت ڍالو فقير ٽانوري ميڊيا وٽ پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس برادري جي بااثر ڀلو ٽانوري جي پٽ جمعو ٽانوري پنهنجي ڀائرن سان گڏجي منهنجي گهر تي حملو ڪري سندس گهر واري ڪريمت ۽ پٽ ابوبڪر کي زبردستي اغوا ڪري گهر ۾ پيل 2 تولا سون 5 ڪلو چاندي ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن، هن چيو ته گهر واري جي بازيابي لاءِ مان يارو لنڊ ٿاڻي تي پند ڪري ٿڪجي پيو آهيان پر جوبدار بااثر هئڻ ڪري پوليس کيس منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس اغوا ڪيل گهر واري ڪريمت ۽ پٽ ابوبڪر کي بازياب ڪرائي کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.