ميرپور ٻرڙو جي سوين ڳوٺن جي بجلي چئن مهينن کان بند، خلق پريشان

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو شهر سيمت 200 ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن رانجهاپور. لال ڀٽي. چانڊاڻ. جاڳڻ چنو ۽ ٻين ڳوٺن جي بجلي گذريل 4 ڏينهن کان  مڪمل بند پيل آهي، جنهن تي ڪاروباري ماڻهو شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن، بجلي بند  هجڻ تي ڪاروباري ماڻهو عبدالسميع سومرو. وقار ٻرڙو. محبوب ڀٽي  محبوب انڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته  اسان جا ڪاروبار بجلي تي هلندا آهن، پر 4 ڏينهن کان بجلي بند آهي، جنهن تي اسان سخت پريشان ٿي ويا آهيون هنن چيو ته سيپڪو ٺل انتظاميا بناجوز بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي اسان حيران آهيون   هنن سيپڪو جي اختيارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي بجلي بحال ڪري ڏني وڃي ٻئي صورٿ ۾ اسان مجبور ٿي احتجاج ڪندا سي جڏهن ته “عوامي آواز“ پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او سيپڪو ٺل  ٻڌايو ته ميرپور ٻرڙو فيڊر تي رهتون  آهن ۽ فيڊر ۾ فالٽ به آهي ان ڪري بجلي بحلي بند آهي، هن چيو ته فالٽ ڪڍي بجلي بحال ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.