نصيرآباد ۾واپاري کان ڦر، ايس ايڇ او جا متاثر کي داٻا، هاءِ وي تي ڌرڻو

نصيرآباد (رپورٽ : بشير بروهي ) ڪالھه نصيرآباد ڪريانا جو مشهور واپاري اسلم شيخ پنهنجي دڪان کان روڪ رقم کڻي وڃي رهيو، ته نوناري محلي مان 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورو ھٿيارن جي زور تي واپاري کان لکين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري، پوليس جي سامھون ديده دليري سان فرار ٿي ويا، واپاري جڏهن ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ پهتو، ته ساڻس ايس ايڇ او نصيرآباد ذاڪر سانڊاڻو بداخلاقي ۽ بدڪلامي ڪندي چيو، ته اوهان روز نئون ڊرامو ٿا ڪريو. ايس ايڇ او جي اهڙي رويي ۽ ڦر واردات خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي نصيرآباد شهر جي سياسي، سماجي ۽ واپاري ڌرين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خواہ ويندڙ مسافر گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي نصيرآباد چورن جا ساٿاري آهن، کين هٽايو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي، شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ سينگار نوناري، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، عنايت تنيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو، ته نصيرآباد شهر ۾ هر روز ٿيندڙ وارداتون پوليس جِي نگراني هيٺ ٿي رهيو آهن، پوليس جِي ملي ڀڳت سان نصيرآباد شهر اندر جوا، منشيات، وياج جو ڪاروبار سرعام هلندڙ آهي، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن شهر اندر بدامني ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هنن وڌيڪ چيو، ته نصيرآباد ٿاڻي تي 20 سالن کان مقرر اهلڪارن ۽ عملدارن کان ڪوبه ڳجهو ناهي، سڀ خبر هئڻ باوجود پوليس انهن کي ڪجھ ڪري نه سگھي. سمورين وارداتن جا ذميوار ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد آهن، کائن سخت پڇاڻو ڪيو وڃي. ڊي ايس پي نصيرآباد ڌرڻي ۾ اچي شهرين کان 2 ڏينهن جِي مهلت ورتي، جنهن تي 2 ڏينهن لاءِ ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو. هوڏانهن، اي سي آفيس جي سامهون نامعلوم چاٻي چور آفتاب ڏيپر جِي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.