ٻلهڙيجي گروپ بهتر سماجي ڪم ڪري رهيو آهي: مهتاب راشدي

گلشن اقبال (رپورٽ: شوڪت نوناري)ٻلهڙيجي واٽسيپ گروپ پاران عوامي خدمت جا نت نوان لاڙا سري هيٺ صفورا چورنگي لڳ شادي هال ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، واٽسيپ گروپ جي ميمبرن، عورتن توڙي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته هي سنڌ ۾ منفرد واٽسيپ گروپ آهي جنهن ڳوٺ جي ماڻهن کي شهر سان ڳنڍيو آهي ۽ هن گروپ ۾ عورتون توڙي مرد گڏجي مثبت ڪم ڪن ٿا ٻين کي به هن طرح جو ڪم ڪرڻ گهرجي ڊاڪٽر اصغر پيرزادي چيو ته اسين ٻلهڙيجي واسي هر وقت هن گروپ ذريعي ڳنڍيل رهون ٿا ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ چندو گڏ ڪري مدد ڪريون ٿا ڪراچي ۾ هڪ ڪرائي تي ٻلهڙيجي هوم قائم ڪيو آهي جيڪو خريد ڪري هميشه لاءِ وقف ڪرڻ چاهيون ٿا جاويد پيرزادي چيو ته هي اسان جو هاڪاري گروپ آهي جيڪو سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي هن گروپ ذريعي ڪراچي ۾ بيمارن جي رهائش لاءِ گهر، ڳوٺ ۾ ٽيوشن سينٽر،صفائي سٿرائي، ايمبولينس جون سهولتون ڏنيون آهن صفت پيرزادي چيو ته کاٻي ڌر سياست جي نوجوانن کي سماجي ڪمن لاءِ متحرڪ ڪيو آهي اسين سڄي سنڌ ههڙا گروپ جوڙي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا تقريب ۾ ٻارڙن سماجي ڪمن جي سجاڳي ۽ تعليم تي ٺهيل ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.