ميان صاحب لڳ حادثي جي فوتي نينگر جي وارثن وٽ ميڙ پهتو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ نورل ڪلر واسي نينگر  9 ورهين جي نينگر علي شهباز ڪلر 2 ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو هو جنهن جو مڙهہ ڪالهہ رات جو دير سان سندس ڳوٺ پهتو جنهن بعد نينگر جي جنازي نماز ميان صاحب ۾ ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو هوڏانهن  ٽريڪٽر مالڪ سمندر پٺاڻ جو منٿ ميڙ قافلو حيدر آباد جي قاسم آباد واري علائقي مان ميان صاحب جي ڳوٺ نورل ڪلر پهتو جتي قافلي ۾ شريڪ پ پ اڳواڻ شبير خان شورو ۽ ٻين ماڻهن فوتي نينگر جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ حادثي ۾ نينگر جي فوت ٿيڻ تي خون معاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن بعد فوتي نينگر جي وارثن محرم ڪلر ، ممتاز ڪلر ، شهمير ڪلر ۽ ٻين ميڙ ۾ آيل ٽريڪٽر مالڪ کي نينگر جو خون معاف ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.