سلطان ڪوٽ ويجهو بجلي جي تارن مان پلال کي باهه

سلطان ڪوٽ (ن ع آ ) سلطان ڪوٽ لڳ ھمايون شريف ڀرسان ڳوٺ مير محمد پنهور ۾ سارين جي ڦيڙهي کي ٿريشر لڳائڻ دوران مٿان11هزار والٽس جي تارن مان پلال کي شارٽ لڳڻ سبب 10جريب جي پلال کي باهه وڪوڙي وئي واقعي واري جاءِ تي بيٺل هارين ۽ ٿريشر جو ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ ڀاڄ پئجي وئي باهه لڳڻ سبب هاري غلام حسين پنهور جي 10جريبن جو پلال سڙي خاق ٿي ويو موقعي تي بيٺل ماڻهن هاريءَ جو اناج ۽ واقعي واري هنڌ تي بيٺل ٽريڪٽر ۽ ٿريشر کي بچائي ورتو آهي ھاري جو چوڻ آهي ته بجلي جاپول ھيٺ ڪريل آهن انهن جون تارون زمين سان لٽڪيل آهن جنهن ڪري پلال کي بجلي جي تارون مان شارٽ سبب باھ لڳي وئي آهي ھنن چيو ته زمين تي لٽڪيل تارون مان پھريان به ڪافي دفعا اچڻ وڃڻ دوران زمين جي ھارين کي بجلي جي تارون مان ڪرنٽ لڳا آهن پر وابڊا وارا ڳالھ ٻڌڻ لاء طيارنه آهن ۽ ھيٺ لٽڪيل تارون مان ڪڏهن به غريب ھارين کي جاني نقصان ٿي سگھي ٿو وابڊاجي علي عملدارن کي اپيل آهي ته ھواھڙي واقعي جو نوٽيس وٺي لٽڪيل تارون کي پول لڳائي مٿي ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.