اوٻاوڙو لڳ اهلڪار جا قاتل گرفتار نه ٿيا، گهر ڀاتي پريشان

اوٻاوڙو  ( ن ع آ )  اوٻاوڙو ۾ ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ڊيوٽي تي ويندڙ اسپيشل برانچ بيٽ اوٻاوڙو جي پوليس اهلڪار سلطان احمد رند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي اوٻاوڙو پوليس گرفتار نه ٿي سگھي مقتول اھلڪار جي گھر ۾ بيچيني واري صورتحال برقرار معصوم ٻارڙا پنھنجي بابا کي ياد ڪري پڇن ٿا ته بابا ڪڏھن ايندو بابا ڪٿي آھي رات ڏينھن بابا کي پڪارڻ دوران مقتول جي امڙ ۽ والد کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، ان موقعي تي مقتول جي والد واجد علي رند زارو قطار روئيندي ٻڌايو ته سلطان احمد جا چار معصوم پٽ ۽ ھڪ نياڻي آھي جيڪو سڄي گھر جو وھنوار معصوم ٻارڙن کي پالڻ وارو اڪيلو ھو جنھن کي ٻين نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن بيدردي سان سيني ۾ 14 کان وڌيڪ پيسٽل جون گوليون هڻي ناحق قتل ڪري ظالمن ظلم ڪري منھنجو گھر اجاڙي ڇڏيو مھينو گذري ويو آھي مگر اوٻاوڙو پوليس اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.