آريجن ۾غريب عورتن کي وظيفو نه مليو، سينٽر آڏو احتجاج

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا پريس ڪلب ۾ هڪ غريب مستحق گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت غلام صغريٰ سهڙو مڙس سڪندر علي سهڙو احتجاج ڪندي دانهيندي ۽ روئيندي ٻڌايو ته اسان جو مسڪيني حال آهي منهنجو مڙس ڪراڙو آهي مون کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هاڻي جنهن جو عمران خان نالو مٽي احساس ڪفالت پروگرام رکيو آهي، جنهن مان مون کي گهڻي عرصي کان وٺي وظيفو ملندو آهي ان قسط مان گهر جو چرخو هلندو آهي هي قسط اچڻ تي خير محمد آريجا باقراڻي ۽ ڏوڪري جي احساس ڪفالت سنٽرن تي فنگر نه اچن ٿا احساس ڪفالت سينٽرن جا  چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان وظيفو نه ٿو ملي هٿين خالي واپس گهر موٽي اچان ٿي غريب مستحق عورت کان جڏهن  پڇيو ويو ته توهان هٿن جي سڀني آڱرين ۾ اڳڙيون ڇو ٻڌيون آهن هن روئيندي ٻڌايو ته مون کي احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي عورتن ڏس ڏنو ته ٻنهي هٿن جون آڱريون اڌ مان ٻڌي ڇڏ ستن ڏينهن کان بعد احساس ڪفالت سينٽر تي اچجان تنهنجا فنگر اچي ويندا (اڄ) اڱاري ڏينهن 7 ڏينهن پورا ٿيندا ۽ مان وري سينٽر تي ويندم ڏسان فنگر اچن ٿا يا نه ڀلي عمران خان ڪهڙي به طريقي سان اسان جا پئسا بند ڪري پر ووٽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي امانت آهي، پ پ چيئرمين نوٽيس وٺي.

  • باقراڻي ۽ ڏوڪري جي امدادي سينٽرن تي ايجنٽ سرگرم، رشوت طلب

باقراڻي ( ن ع آ ) باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقن جي مستحق عورتن جي رجسٽريشن لاءِ باقراڻي ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام رجسٽريشن سينٽر ۾ ٻنهي تعلقن جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن خير محمد آريجا ، قلندر آباد ، موئن جو دڙو ، باڊھ ، سيهڙ ، ڪاراڻي ، ويهڙ ، پٺاڻ ، نئون گڏ ، رشيد وڳڻ ، ڳيريلو ، محراب پور ، خميسو خان خاراني ، مڏ باهو ، حيدر بروهي ، محمد حيات بروهي ، پراڻو آباد ، ھٽڙي غلام شاهه ، گل محمد تنيو ۽ ٻين علائقن مان روزانو سوين عورتون رجسٽريشن لاءِ صبح سوير اچڻ باوجود سينٽر انچارج جي اڪثر آفيس مان غائب رهڻ توڙي آفيس عملي ۽ ايجنٽن جي ملي ڀڳت سان بي پهچ ۽  غريب مستحق عورتن لاءِ آفيس جا دروازا  بند ڪري سفارشي ۽ رشوت ڏيندڙ عورتن جي رجسٽريشن ڪرڻ سبب مستحق غريب عورتون بغير رجسٽريشن جي واپس مايوس ٿي وڃن ٿيون ، هوڏانهن باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسي غريب عورتن مسمات بشيران خاتون ، خير بيبي ، گل زادي ، خان زادي بروهي ، مسمات ياسمين ڪلهوڙو ، زينت چنو ، بلقيس ميمڻ ، رابعه ڪنڀر  ، نور جهان دايو ، زينت قريشي ، ڀاڳل شاهاڻي ۽ ٻين عورتن احساس ڪفالت پروگرام رجسٽريشن سينٽر انچارج عرفان شاهه ۽ عملي خلاف دانهون ڪندي الزام هنيو آهي ته صبح جو سوير گهران رجسٽريشن آفيس ۾ نالو رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ اچون ٿا مگر سينٽر انچارج سيد عرفان شاهه ۽ سينٽر عملو ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري سفارشي ۽ 200 سئو روپيا رشوت ڏيندڙ عورتن کي آفيس ۾ ويھاري رجسٽريشن ڪن ٿا.

  • نئون ڪوٽ احساس سينٽر تي ڪٽوتي، عورتن جون دانهون

نئون ڪوٽ (ن ع آ ) نئون ڪوٽ فوڊ گدام نئون ڪوٽ ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ مستحقين جي ڪفالت واري رقم مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري ميڊيا سينٽر نئون ڪوٽ طرفان بار بار نشاندهي باوجود غريبن جي رقم مان ٻـ ھزار ڪٽوتي  ڪفالت سينٽر گيٽ تي بيٺل پوليس اھلڪار عورتن سان گڏ ايندڙ سندن وارثن کي بـ ٻاھر بيھارين ٿا جڏهن تـ سفيد پوش ڪميشن ايجنٽ دلال بنا روڪ ٽوڪ جي حصي پتي عيوض  ڪفالت جي رقم ڏيارڻ لڳا.گذريل ھفتي AC جھڏو  مختيارڪار  جھڏو  جو ڊوائيس مالڪن کي پوري رقم ڏيڻ واري وارننگ باوجود عمل نـ ٿيو الٽو ڪفالت جي رقم مان ڪٽوتي  جي نشاندهي ڪندڙ ميڊيا سينٽر نئون ڪوٽ جي صحافين کي ڊوائيس مالڪن خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو تـ في مستحق جي رقم مان ٿيندڙ 15 سئو کان 2 ھزار جي ڪٽوتي اسان اڪيلا نـ پر گھڻا ڀائيوار آهن ھر محڪمي تائين اسان جي فل رسائي آهي ميڊياسينٽر  اسان جو ڪجھ بـ نٿو بگاڙي سگهي جڏهن تـ وزيراعظم طرفان اعلانيل راشن پيڪيج جي رجسٽريشن ۾ پڻ غريبن کي ھڪ پاسي رکي  پي ٽي آئي جي ماڻهن جي ڳجھـ ڳوھ ۾ راشن لاء رجسٽريشن  ڪئي پئي وڃي ۽ ايڪچوئل (حقيقي) مستحق دربدر ۽ خوار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.