حيدرآباد ۾ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو سان رهاڻ

حيدرآباد (پ ر ) ڌارين لفطن جي داخل ٿيڻ سان ٻوليءَ جي ترقي ٿئي ٿي، اکر ۽ لفظ الڳ آهي، ٻوليءَ جي جيتري تحقيق وڌيڪ ٿيندي اوترو ٻولي وڌيڪ ترقي ڪندي، تحقيق جا در بند نه ٿيندا، عربي ۽ سنڌي اکر جو اڀياس ڪتاب ٻوليءَ جي اداري رد ڪيو جنهن تي افسوس آهي، اھڙو اظهار لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو ڪالهه قاسم آباد ۾ ساڻس ملهايل روح رھاڻ واري ادبي فڪري ويھڪ دوران ڪيو آهي ،ايلسا پبليڪيشن پاران رٿيل تقريب ۾ الطاف محبوب جوکيو جي ڪتاب "عربي سنڌي اکرجو اڀياس” جو مھورت ڪيو ويو،اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو وڌيڪ چيو ته ھڪ اداري جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان جي نيت ۾ ڪوتاهي ناهي  ڪم ۾ ڪوتاهي ناهي، ھيئنر تائين اداري جا 3 ڪتاب ڇپرايا آھن وڌيڪ 2 ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن،نامياري اديب پروفيسر ڊاڪٽر اشرف سمون چيو ته الطاف جوکيو ٻوليءَ جي اٿارٽي آهي، ٻوليءَ بابت ھن جو تحقيقي ڪم نرالو آهي،نامياري اديب ڪھاڻيڪار يوسف سنڌيءَ چيو ته الطاف جوکيو جا ٻوليءَ بابت ڪتاب اھم آھن، ٻولي جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ ٻوليءَ تي تحقيق ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي جيڪو الطاف جوکيو پنهنجي سر تي کنيو آهي،ھن جا  ٻوليءَ بابت لکيل ڪتاب شاگردن کي لازمي پڙھڻ گهرجن، ليکڪ سليم چنا چيو ته ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو ھڪ محبتي ۽ پورهيت رائيٽر آهي، سندس ٻوليءَ جي ڪيل خدمتن تي اسان فخر ٿا ڪريون، ڪھاڻيڪار محمد علي چنا چيو ته ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو  لسانيات جو ھڪ اھم ڪردار آهي، ٿوري وقت ۾ ھن ٻوليءَ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، تقريب ۾  واحد ڪانڌڙو، اياز ابڙو ،نسيم پارس ،نصير ميمڻ، نجم علي ڊاڪٽر الطاف جوکيو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي قادر داد خشڪ صوفي ڪلام ڳايو.

  • ٺٽي جي آر بي او ڊي ملازمن کي پگهارون نه مليون

ٺٽو(ڊر) آر بي او ڊي ٺٽي جي ملازمن کي ڪيترن ئي سالن کان وٺي پگهارون نہ ملڻ ڪري ملازم بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل، ملازم جو معصوم ٻارڙن سميت مڪلي تي احتجاج رھيل پگھارون ڏيئي پڪو ڪري فاقہ ڪشي کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ پگھارن کان محروم ٿيل ملازم عبدالرزاق خشڪ پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ آر بي او ڊي آفيس مڪلي اڳيان احتجاج ڪندي چيو تہ کين بنا ڪنھن سبب جي پگھارون بند ڪري کين  بک ۽ بدحالي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي، ھو پنھنجي بيمار ٻارڙن جو علاج بہ ڪرائي نٿا سگھن، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن. ھن گھر ڪئي تہ کين رھيل پگھارون ڏيئي پڪو ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ايندِڙ اربع ڏينهن مڪلي تي پاڻ ساڙڻ کي باھ ڏيئي ساڙيندس، جنھن جي ذميواري آر بي او ڊي جي انجنيئر تي ھوندي.

  • اڏيري لال وليج ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مرڻينگ

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غالب کيبر لڳ سعيد آباد جي ڳوٺ گل بدين جو رهواسي شير محمد نامعلوم گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي کيبراڻي پوليس تعلقي اسپتال مٽياري پھچايو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

  •  زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غالب کيبر لڳ سعيد آباد جي ڳوٺ گل بدين جو رهواسي شير محمد نامعلوم گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي کيبراڻي پوليس تعلقي اسپتال مٽياري پھچايو جتيطبي امداد ڏيڻ بعد کيس حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

  • لکي لڳ روڊ حادثو، پني عاقل واسي نوجوان فوت

لکي غلام شاھه (ت ر) چڪ ٿاڻي جي حد چڪ سکر روڊ تي ڀرڪڻ ۽ کاهي ڳوٺ جي وچ  تي نامعلوم تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل سوار پنوعاقل واسي راڻو ماڙيجو کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويئي ٽڪر لڳڻ جي نيتجي ۾ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو.رستي تي سفر ڪندڙ مسافرن جي اطلاع تي چڪ پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش ھٿ ڪري لکي غلام شاھ اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.