خانپور مهر لڳ سڱاوتي تڪرار تان ناري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، احتجاج

خانپور مهر ( رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ حيات ڀنڀرو ۾ سڱاوتي معاملي تان مبينا طور 12 ورهين جي نينگري سعيدا ڌي مرحوم سوڍل ڀنڀرو کي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ وارث نينگري کي ساڻ ڪري ٿاڻي تي پهچي ويا،نينگري جي وارثن مسمات مٺل، علي گوهر ڀنڀرو ۽ ٻين ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته اسان جو سڱاوتي معاملو هلندڙ آهي جوابدار قلندر بخش ڀنڀرو، غوث بخش ڀنڀرو، سجاد، اختر،برڪت،لطف ۽ گهر تي ڪاھ ڪري نينگري سعيدا کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگري جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي ڇڏائي ورتو، جنهن بعد جوابدار گهرڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا، هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي معاملي جي خانپورمهر ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

  • ٺٽي ۾ڊاڪٽرن جي مطالبا جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي

ٺٽو(ڊر) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وبا ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرس اسٽاف نرس پاران نوڪريون غير محفوظ ٿيڻ خلاف ڪم ڇڏ ھرتال ڪري ٺٽو ڪيمريج آئسوليشن ويڪسينشن سنٽر مڪلي تي ھڪ احتجاجي مظاھرو ڊاڪٽر سڪندر جو/يو،  ڊاڪٽر ايوب سومرو، ڊاڪٽر سائرہ عقيلي ـ، ڊاڪٽر حنا جاکرو، ڊاڪٽر فوزيا منگي ۽ اسٽاف نرس صدام سمون، توقير ڀٽي، مھرالنساء خاصحخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت اسان کان ڪورونا جھڙي خطرناڪ وبا ۾ ڪم ورتو ويو، جنھن ۾ اسان مسلسل خطري ھيٺ رھي،  پنھنجي ۽ پنھنجي گھر وارن جون زندگيون داء تي لڳائي ماڻھون جي زندگين کي محفوظ بڻائي رھيا آھيون، پر ھاڻ سنڌ حڪومت اسان جي نوڪرين کي غير محفوظ ڪري رھي آھي، جنھن ڪري اسانجو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ سندس روزگار کي محفوظ بڻائي کين فورن صحت کاتي ۾ پڪو ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

  • ميرپورخاص ۾بدامني، پورهيت کان موٽرسائيڪل ڦر

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ دولت لغاري کان ميرپورخاص عمرڪوٽ باءِ پاس روڊ تي نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع حد جي تعلقه ٿاڻي کي ڏيڻ جي باوجود پوليس ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، واضع رهي ته ميرپورخاص شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ نوسربازن سميت ڦورن ۽ چورن جا ٽولا سرگرم آهن جيڪي ڏينهن ڏٺي توڙي رات ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي وارداتون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا ۽ پوليس انهن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ناڪام آهي. جنهن ڪري عوام ۾ عدم تعفظ جو شڪار آهي سياسي سماجي ۽ سڃاڻ ڌرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ وڌندڙ ڦر، چورين جي وارداتن جو نوٽيس وٺي عوام جي جان مال جي تعفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.