کهڙا لڳ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن ۾ جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي

کھڙا (ن ع آ)   کهڙا لڳ ڳوٺ علي آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان 2 ڀائرن ۾ جهيڙو. ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي. گمس اسپتال منتقل. کهڙا ڀرسان ڳوٺ علي آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ٻن ڀائرن ارباب علي ڪلهوڙو ۽ لعل بخش ڪلهوڙو وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن مسمات زيبل زال ارباب علي، مسمات سلمہ زال فريد ڪلهوڙو سميت 7 ڄڻا ارباب علي ولد وريام، غلام فريد، نثار احمد، نواب، بشير ٽئي پٽ ارباب علي ڪلهوڙو شديد زخمي ٿي پيا جهيڙي جو اطلاع کهڙا ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻي گمس اسپتال منتقل ڪيو. کهڙا ٿاڻي تي 20 کان وڌيڪ جوابدارن تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او کھڙا عبدالرزاق ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ علي آباد تي چڙهائي ڪئي مگر پولیس کي ڪوبه جوابدار هٿ اچي نه سگهيو متاثر ڌر جي نيڪ مرد استاد ارباب علي ڪلهوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لعل ڏني ڪلهوڙو جي ڌر جي ماڻهن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي هنن اسان جي گهر تي حملو ڪري گهر کي باهه ڏئي ڇڏي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي اسان جي 2 عورتن سميت 7 ڄڻن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان کان جوابدار جي گرفتاري جي گهر ڪئي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کھڙا عبدالرزاق ٿيٻو ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار گهر خالي ڪري ويا آهن کين جلدي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.