ڪوٽڏيجي ويجھو گهٽي مان لنگهڻ تان جهيڙو، عورت زخمي

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ خانڻ ٻرڙو ۾ گهٽي مان لنگهڻ تان علائقي جي بااثرن جو ڳوٺاڻي عورت مسمات اختيار خاتون زال بهادر علي ٻرڙو کي ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا زخمي عورت عوامي آواز آفيس ڪوٽڏيجي پهچي صحافين آڏو اکين مان لڙڪ لاڙيندي  چيو ته علائقي جي بااثرن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان غريب آهيون منهنجو مڙس مزدوري ڪري گھر جو گذر سفر ڪندا آهيون بااثر اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جن خلاف ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس هلندڙ آهي  جيئن مان گاهه لاءِ گهٽي مان گذري زمين تي ويس پئي ته بااثرن اچي مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي انڪار ڪرڻ تي بااثرن حسن ٻرڙو، پٺاڻ ٻرڙو ،سهراب، ڀلي ڏنو ٻرڙو ۽ ٻين مون کي تشدد ڪري ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا  ڪوٽڏيجي پوليس وٽ فرياد داخل ڪرائڻ باوجود پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پئسا وٺي جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري  متاثر عورت آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور سميت لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.