دولپور صفن ۾ چڙهائي، ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، تشدد، احتجاج

دولتپورصفن ( ن ع آ ) دولتپور صفن جي ڳوٺ سليمان کيڙو ۾ حضور بخش سيال جي گهر ۾ هٿياربندن زبردستي گهر اندر داخل ٿي پيرسن حضور بخش سيال جي نوجوان ناري ڪلثوم سيال کي اغوا ڪرڻ ڪوشش ڪئي، عورتن کي مارڪٽ، عورت جي رڙين ۽ دانهن تي هٿياربند فرار ٿي ويا ، اهڙي عمل خلاف حضور بخش سيال جي گهرواري مسمات حڪيمان ، سندس ڌيئرون عائشه ، ڪلثوم پنهنجي معصوم ڀائرن سميت دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي عورتن چيو ته سيال برادري جي هٿياربندن پيارو سيال ، جاڙو سيال ، امداد سيال ، منظور سيال هٿيارن جي زور تي رات دير سان گهر ۾ اندر داخل ٿي اسان گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري تشدد ڪيو ، نياڻي ڪلثوم کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهن ۽ رڙين تي ڳوٺاڻا پڄي ويا ، هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا ، اهڙي رپورٽ اسان دولتپورصفن ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري دولتپورصفن پوليس انهن کي گرفتار نه ڪيو آهي، متاثر عورتن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ کين تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.