گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل شهري جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل شهري عبدالرحيم خلاف 11ڪلو کان وڌيڪ چرس رکڻ واري ڪيس ۾ هڪ لک جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري عبدالرحيم کي 10 جون 2021ع ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن گهر مان حراست ۾ ورتو هو، مٿس ڪوڙو ڪيس آهي ته 11ڪلو کان وڌيڪ چرس مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.