خيرپور ويجهو هٿياربندن جو اوطاق تي حملو، فائرنگ، ڳوٺاڻو زخمي

خيرپور( ڊ ر )اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائده ڳوٺ ۾ پلاٽ جي تڪرار تان هٿياربندن  گوليون هلائي گلشن ڦلپوٽو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ڪيس داخل ان سلسلي  ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سميع الله ٻرڙو ۽ سيد محسن شاھ وارن جو زميني تڪرار هلي رهيو هيو جو سيد محسن شاھ سندس  مريد ڪامريڊ گلشن ڦلپوٽو پنهنجي اوطاق ۾ باھ جي مچ تي ويٺا هئا جو ٽي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن محسن شاھ کي گوليون هڻي رهيا هئا ته پسٽل جا فائر گسي وڃي گلشن ڦلپوٽو کي لڳا ۽ هو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي هوڏانهن حد جي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي پر آخري اطلاعن تائين نه واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو آهي نه وري ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگھيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.