ماٿيلي ۾وياجي خلاف احتجاج، نوجوان جي اغوا ڪوشش جون دانهون

ميرپورماٿيلو ( ت ر  ) ميرپورماٿيلو شھر جي رھواسي ڪولاچي برادري پاران بااثر وياج خور شخص عجيب ڪولاچي ۽ سندس ساٿين خلاف ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي، ان موقعي ته ڄاڻايل بااثر عجيب ڪولاچي جي پيرسن سڳي ڀيڻ مائي پٺاڻي ڪولاچي، ڀاڻيجن شفيق ڪولاچي ، نعيم ڪولاچي، ڀيڻيويي ھزار خان ڪولاچي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته عجيب ڪولاچي فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڏوھاري بڻجي ويو آھي، ڪجھه مھينا اڳ ۾ مختلف ھربا ھلائي بغير جواز جي کانئن لکين روپيه ڀتو اوڳاڙي ويو آھي،جيڪو وھنوار ھلائيندي ڪجھه ڏينھن اڳ وري ھو پنج لک روپيه ڀتو وٺي ويو آھي،جڏھن ته ھاڻ ٻن ھڻڊا ون ٽو فائيوو موٽرسائيڪلون وٺي ڏيڻ لاءِ چوندي دڙڪا دھمان ۽ حملا ڪري رھيو آھي، موٽرسائيڪلو نه وٺي ڏيڻ تان عجيب ڪولاچي پنھنجي ڏوھاري ساٿين سان گڏجي پنھنجي سڳي ڀاڻيجي شفيق ڪولاچي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي پنھنجي سڳي پيرسن ڀيڻ مائي پٺاڻي ڪولاچي کي مارڪٽ ڪيائين.ھنن وسوارن کان جوابدار عجيب ڪولاچي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪاروائي ڪري جوابدارن کان تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.