دريا خان مري لڳ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ همراهه زخمي

دريا خان مري  ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان اوٺو گھيڙ اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ ڳوٺ گل خان مري واسي جمال مري سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي علاج لاءِ دريا خان مري اسپتال آندو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب زخمي کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اکين ڏٺن شاھدن موجب ڪمند سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور ۽ ٽرڪ ڊرائيور ھڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش دوران روڊ جي ڀرسان پيادل ويندڙ  پيرسن جمال مري کي ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳو جنھن سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.