ٺٽو پوليس ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي: نواز شاهه ڀاڏائي

ڪراچي/گھوڙاٻاري/ميرپورساڪرو(پ ر +نمائندا ) جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي  سيد ھائوس ور شهر تي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته گذريل رات ٺٽو پوليس سرڪاري ونگار وھندي منھجي مٿان دھشتگردي جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي آھي آئون اھڙي عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ٿو ڪريان ھي دراصل انتقامي ڪاروائي آھي جنھن جي زريعي مونکي سياسي جھدوجھد کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن وقت منھجي موجودگي ٺٽي شھر ۾ ڄاڻائيندي مونتي وڳوڙن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ان وقت آئون لاڙڪاڻي ۾ موجود ھئس سنڌ ھاء ڪورٽ جاچ ڪري ته اصل حقيقتون پڌريون ٿي پونديون پوليس زرداري ٽولي جي ذاتي نوڪر بڻجي وئي آھي جيڪا سرڪار جي سياسي مخالفن خلاف رڻ ٻاري رھي آھي منھجو تعلق ھڪ پرامن سياسي جماعت سان آھي اسان سدائين پرامن سياست ڪئي آھي آئون انتشاري سياست تي يقين نٿو رکان ھي ھٿڪنڊه ان ڪري استعمال ڪيا پيا وڃن ته جئين وطن جي ڳالھ ڪندڙن کي خاموش ڪرائي سگھجيپر واضع رھي ته ڪوڙن ڪيسن سان ڌرتي جي حقن واري ڳالھ تان ھٿ نٿو کڻائي سگھجي سنڌ پوليس ڀلي زرداري ليگ جي ڪمداري ڪري اسين پرامن سياسي جھدوجھد جاري رکنداسين ھن سيشن ڪورٽ ٺٽو کي اپيل ڪئي ته ھو مذڪوره ڪيس ۾ سندس بيگناھ نالو درج ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي سندس فون رڪارڊ ۽ لوڪيشن طلب ڪري ته سڀ حقيقتون پڌريون ٿي وينديون. هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو ٺٽي پوليس طرفان پارٽي وائيس چئيرمين سيد نواز شاھ ڀاڏائي رياض ناهيو تي داخل ڪيل دھشتگردي واري ايف آئي آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ٺٽو پوليس سرڪاري ونگار وھندي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين نواز شاھه ڀاڏائي تي جڙتو ايف آئي آر داخل ڪئي آھي جنھن جي مذمت ڪريان ٿو اسين عدم تشدد جي سياست ڪندڙ آھيون رياستي ھٿڪنڊه استعمال ڪري اسان جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي ٺٽو پوليس زرداري جي ٽولي جي چرچ تي حراسمينٽ ڪري رھي سيد نواز شاھ ڀاڏائي ان وقت قمبر شھداد ڪوٽ تعلقي وارھ ۾  مونسان گڏ ھو، جنھن کي ٺٽي ۾ ھڪڙي ڪوڙي ڪيس ۾ ڏيکاريو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.