اڪري ۾بااثرن جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

اڪري چودڳي  (ن ع آ)  اڪري ڀرسان هڪ هفتو اڳ زمين جي مامري تان راڄپر ۽بروهي برادري ۾ ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل قربان بروهي جي وارثن مولابخش بروهي ،شعبان علي بروهي محمد حيات بروهي ،محمد ظريف بروهي شهزاد علي بروهي شاهب علي بروهي ۽عورتن ٻارن احتجاج ڪندي دانهيندي چيو تہ سندن مائٽ پاران راڄپر ڌر کي 6 ايڪڙزمين وڪرو ڪري ڏيڻ تان ڪيترن سالن کان معاملو هلندڙ هيو علائقي جي ڪيترن ئي نيڪ مردن جي ڪيل فيصلي کي راڄپر ڌر قبول ڪرڻ باوجود عمل ڪرڻ کان انڪاري ٿي بيٺا هئا. هڪ هفتو اڳ اسان جي گهر۾ ٻن مردن جي هجڻ جو ٻڌي راڄپرن جي ڌر جي 30 کان 40 هٿياربندن گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو ۽قربان بروهي کي گهر ۾گهلڻ بعد ٽريڪٽر جي هر ۾ ٻڌي گهر جي آڳر تي گهمايو ويو ۽بعد ۾ ڇريون ۽فائرنگ ڪري قتل ڪيو، هنن چيو تہ انهي افراتفري ۽جهيڙي جي ماحول راڄپر ڌر جي پنهنجي هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان محمد علي راڄپر پڻ قتل ٿي ويو، هنن چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدار  گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.