ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ جي پنجين سالياني تقريب جو احوال

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ تمام وڏو پيغام ڏنل هو ته .. هر ماڻهوءَ کي سماج جي سڌاري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. جيڪڏهن  اوهان خدمت ڪري سگهو ٿا ته خدمت ڪريو، اوهان کي وقت آهي ۽ اهو ڪنهن کي ڏئي سگهو ٿا ته اهو ڏيو، اخلاق آهي ته اخلاق ڏيو، پيسا اٿو ته پيسا ڏيو، مٺي زبان ڳالهائي سگهو ٿا ته اها ڳالهايو، ڪنهن سان گڏ هلي سگهو ٿا ته ساڻ گڏ هلو، همت افزائي ڪري سگهو ٿا ته اُها ڪريو، مطلب ته جيڪو ڪجهه اوهان ڪري سگهو ٿا سو ڪندا رهو.

¨ ٽيون ڏينهن 21 نومبر تي ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ جي پنجين سالياني سالگرهه تقريب جيڪا ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري تنهن ۾ به ڪجهه ايئن ئي ٿيندي نظر آيو. ان موقعي تي هر ڪنهن پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو جنهن کان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو سو ان رضاڪاراڻي نموني ڪيو يعني بنا معاوضي جي پنهنجي جذبي تحت پنهنجو پنهنجو وڙ ڏيکاريو.

¨ پروگرام ۾ جيڪي مهمان طور شخصيتون شامل ٿيون يا پنڊال کي جن ماڻهن پنهنجي شرڪت سان ڀريو تن به پنهنجو حصو ڏنو. ڀلا جيڪڏهن اهي پروگرام ۾ نه اچن ها ۽ پنڊال خالي هجي ها ته ڇا ان کي ڪامياب پروگرام چئجي ها؟

¨ هي گروپ بنيادي طور تي ڪراچي ۾ رهندڙ نوجوان ويٽنري ڊاڪٽر افتخار پيرزادي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ڳوٺ کان ٻاهر رهندڙ ٻلهڙيجي واسين جي رابطي جي مقصد طور ”ٻلهڙيجي  واٽس ايپ گروپ“4 نومبر 2016ع تي قائم ڪيو جنهن ذريعي شهرن يا پرڏيهه رهندڙ ٻلهڙيجي واسين کي پنهنجي ڳوٺ سان چوويهه ڪلاڪ رابطي ۾ رهڻ جو ۽ ڳوٺ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو مليو.

¨ واٽس ايپ ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيل ان رابطي سان ٻلهڙيجي اندر هڪ نئون سماجي انقلاب ڦٽي نڪتو. ٻلهڙيجي واسين جو سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، تاريخي ۽ علمي شعور هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيو ته ان پليٽ فارم ذريعي نيون سوچون، نيون تجويزون، نوان منصوبا، نوان ڪم ٿيڻ لڳا ۽ ايئن ڏسندي ڏسندي ٻلهڙيجي واسين جو ڳاڻيٽو واٽس ايپ کي انتهائي هاڪاري ۽ مثالي انداز سان هلائڻ وارن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ ان گروپ جي عالمي سطح تائين پذيرائي ٿي خود واٽس ايپ ڪمپنيءَ دل کولي واکاڻ ڪئي.

¨ واٽس ايپ ذريعي پوءِ ٻلهڙيجي واسين ڪيترائي مختلف گروپ پڻ ٺاهيا جن ۾ آءِ ڊي  اي واٽس ايپ گروپ، ٻلهڙيجي جي عورتن جو ”سرتيون“ گروپ، انور پيرزادو اڪيڊمي گروپ، ٻلهڙيجي ايجوڪيشن گروپ، ٻلهڙيجي يوٿ گروپ، ٻلهڙيجي ادبي گروپ، ميران لائبريري گروپ، سنگيت پريمي گروپ، اسپورٽس جو ايم سي سي بي گروپ وغيره وغيره.

¨ ٻلهڙيجي واسين واٽس ايپ ذريعي پنجن سالن کان ڳوٺ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا، منصوبا شروع ڪيا، تعليم، صحت، ادب، سماجي تبديلي لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي تنهن جي هڪ تفصيلي رپورٽ ان تقريب ۾ پيش ڪئي وئي.

¨ آءِ ڊي اي جي ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ انور جونيئر، سرتيون گروپ جي ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ ملڪه پيرزادي، يوٿ گروپ جي ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ آدرش پيرزادي، صراط مستقيم سينٽر جي ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ سپت لطف کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو.

¨ واٽس ايپ ذريعي ڳوٺ ۽ تر جي مريضن جي رهائش لاءِ ڪيئن  ڪراچي ۾”ٻلهڙيجي هوم“ ٺاهيو ويو ۽ هلايو پيو وڃي، ڳوٺ جي مريضن کي ڪيئن ايمبولينس سروس ڏني وئي، ڳوٺ جي صفائي جو ڪيئن بندوبست ڪيو ويو. ڪمپيوٽر سينٽر ڪيئن هلايو ويو، ٽيوشن سينٽر  يا صراط مستقيم سينٽر ڪيئن هليا، صحت جون طبي ڪيمپون ڪيئن لڳايون ويون ۽ اڃا ڇا ڪجهه ڪري سگهجي ٿو سو سڀ جڏهن عوام کي ٻڌايو ويو ته انهن تاڙين جي گونج سان ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ جي همت افزائي ڪئي ۽ ساڻس سهڪار جو يقيني اظهار ڪيو.

¨ ان موقعي تي ڊاڪٽر افتخار پيرزادي، مختيار سومري ۽ ڊاڪٽر اصغر پيرزادي کي خاص ڪري اسٽيج تي گهرائي کين زبردست ۽ يادگار خراج پيش ڪيو ويو .

¨ پنجين سالگرهه تقريب جي ڪمپيئرنگ باک ۽ امر پيرزادي ڪئي جيڪي هڪٻئي جا جيون ساٿي به آهن ته ٽي وي ڪمپيئر به رهيا آهن ۽ سندن ميزبانيءَ ساڳي وقت اهو پيغام  به ڏنو ته ڳوٺ لاءِ مرد ۽ عورتون ايئن ئي گڏجي خدمتون پيش ڪري رهيا آهن.

¨ تقريب جي صدارت ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ڪئي. ان سان گڏ عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، شير مهراڻي، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي، همسفر گاڏهي، امداد بلوچ، اطهر منگي، ضياءَ ابڙي، شاهه محمد پيرزادي، ملڪه، ڊاڪٽر امتياز،  صحت جي پيشي سان سلهاڙيل ناميارن ڊاڪٽرن، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ ڳوٺ ٻلهڙيجي مان آيل ڪيترن ئي سياسي سماجي، صحافتي ۽ ادبي شخصيتن ۽ سرتيون گروپ جي عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

¨ ڳوٺ کان آيل مهمانن کي خاص طور تي پروگرام ۾ شريڪ ٻاهرين مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپيون پهرائڻ لاءِ چونڊيو ويو جيئن سندن نمائندگي يقيني نظر اچي.

¨ ان موقعي تي ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته هن ان پروگرام ۾ شرڪت ڪري تمام وڏو اتساهه ورتو آهي. هن چيو ته واٽس ايپ گروپ کي جنهن مثالي انداز سان ٻلهڙيجي واسين استعمال ڪيو آهي ۽ ان موضوع تي جيڪو اڄ پروگرام ڪيو آهي سو منهنجي لاءِ نئون آهي. هن چيو ته ٻلهڙيجي واسين حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي انقلابي شعور کي عملي شڪل ڏني آهي ۽ جيڪڏهن سڄي سنڌ هنن جي نقش قدم تي هلي ته بلڪل اها تبديلي اچي سگهي ٿي جنهن کي انقلاب چئبو آهي. هن عورتن جي سماج ۾ ادا ڪيل ڪردار جي اهميت ۽ ضرورت تي پڻ زوردار نموني ڳالهايو. ۽ مردن جي ذهني گدلاڻ جا آنڊا گونڊا ٻاهر ڪڍي رکيا!.

¨ ڊاڪٽر جبار خٽڪ پروگرام کان پوءِ ڳالهائيندي گروپ کي دعوت  ڏني ته عوامي آواز ميڊيا گروپ اوهان جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ سهڪار جو ارادو رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ جلد ملاقات ڪنداسين.

¨ آخر ۾ شاهه محمد پيرزادي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي تاريخ ۽ سياسي،سماجي شعور جو پسمنظر تفصيل سان ٻڌايو ۽ آيل مهمانن جو ٿورو ادا ڪيو.

¨ ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ نه رڳو ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنجن سالن اندر پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي پر هاڻي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو به واٽس ايپ ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجن ڳوٺن سان شهرن ۾ رهندي پاڻ کي ڳنڍي رهيا آهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ انجنيئر ڪريم داد خشڪ پڻ ٻلهڙيجي واٽس گروپ  مان اتساهه وٺندي پنهنجي ڳوٺ جو واٽس ايپ گروپ ٺاهيو آهي جنهن جو انڪشاف پڻ ان تقريب ۾ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.