گودي بنگلي بابت مشھور ڳالھيون ۽ اصل حقيقتون

تحرير؛ذلفي چاچڙ

ڪشمور ضلعي ۾ ڳوٺ نما شھر بڊاڻي جي ڀرسان ھڪ قديم ۽ ويران جڳهه زبون حالت ۾ موجود آھي، جا قديم آثارن جي ذمري ۾ اچي ٿي، جيڪا علائقي ۾ گودي بنگلي طور مشھور آھي، گودي بنگلي بابت تر ۾ گھڻيون ئي ڳالھيون مشھور آھن، جن ۾ حقيقت بدران رڳو ملاوٽ من گھڙت ڪھاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون ئي شامل آھن، ھر شخص وٽ پنھنجي ڪھاڻي ۽ ڏند ڪٿا آھي، جنھن کي ڪو به صحتمند ذھن ڪڏھن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو .

گودي بنگلو جنھن بابت مشھور آھي ته ان جي تهھ خاني (بيسمينٽ) ۾ جرائم پيشه، ڪرمنل ۽ باغي ماڻھن کي گرفتار ڪري کين قيد ڪيو ويندو ھو، اتي ھڪ سوراخ (اوپن) پڻ آھي، بلڪل ايئن ئي جيئن ھاڻوڪين جديد قسم جي بلڊنگن ۾ پائيپ فٽنگس لاءِ سوراخ ڇڏيا ويندا آھن، ان متعلق عام تاثر اھو آھي ته اھو ڦاسي گھاٽ ھو ۽ اتي موت جي سزا کاڌل قيدين کي ڦاسي تي لٽڪايو ويندو ھو، گودي بنگلي جي تاريخي حيثيت کان ڪو انڪار ڪونھي، پر ھروڀرون جو وڌاءُ ڪري نئين نسل کي غلط ڄاڻ ڏيڻ پڻ اخلاقي ڏوه ۽ گناه آھي، ڪِن سگھڙ ٽيپ شاعرن جي بي تڪي شاعريءَ کي سبب بڻائي ڪا راءِ قائم ڪرڻ به درست ناھي ڇو ته شاعري وغيره ڪو تاريخي دستاويز نه ھجي ٿي جنھن سان تاريخ جا پيرا کڻي سگھجن.

گودي بنگلي بابت عجيب وغريب ڳالھيون ٻڌي مون ڪنھن مقامي دوست کي ساڻ ڪري اِھا تاريخي جاءِ گھمڻ لاءِ نڪتس، جا پنھنجي دور جي شاھڪار عمارت ۽ انجنيئرنگ جو بھترين نمونو (ماڊل) نظر آيو، اتي ويجھو ئي بيٺل ھڪ وڏي عمر وارو شخص جنھن شايد اسان کي اوپرو ڏسي اسان ڏانھن لڙي آيو ۽ دعا سلام ڪئي، ھن تعارف ڪرائيندي پنھنجو نالو ميوو خان ٻڌايو، جيڪو ڀرسان ئي واقع درسگاه جي خطيب حافظ غلام حسين ڇڇڻ جو والد ھو، جنھن ٻڌايو ته اسان جي يادگيري ۾ ان بنگلي کي ڇت به پيل ھوندي ھئي، جنھن ۾ لوهه جي گاڊرن بدران ڪاٺ جون ڪامون پيل ھيون، ڪجھه  پرڀرو نظر ايندڙ گھرن ڏانھن ھن آڱر سان اشارو ڪندي چيو ته اتان جا ڪجھه  ماڻھون، جِن جا نانءَ به ٻڌايائين پر جيڪي ھاڻ مونکي ياد ناھن رھيا، ڇت پٽي ٽائيل سرون ۽ ڪاٺ جو ڪل سامان کڻي ويا، جيڪي سندن گھرن ۾ اڄ به لڳل نظر ايندا آھن۔ وڌيڪ معلوم ڪرڻ تي ھن روايتي ڳالھيون ورجائيندي رڳو جيڪا ھڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌائي، سا اھا آھي ته ”مون وڏڙن جي واتان اھو ٻڌو ھو ته قيام پاڪستان کان اڳ اِن عمارت جي سار سنڀال لاءِ ملازم مقرر ٿيل ھوندا ھئا، جيڪي چوڪيداري پڻ ڪندا ھا“، اھي ماڻھون ڪھڙي کاتي جا ملازم ھا ۽ کين پگھار ڪٿان ۽ ڪھڙي طريقي ڪار سان ملندي ھئي؟ انھن سوالن جو وٽس ڪو به جواب نه ھو۔ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مون ايجوڪيشن ۾ سپروائيزر استاد محمد عثمان سان پڻ ملاقات ڪئي، جنھن جو والد مرحيات صاحب خان چاچڙ ورھاگي واري وقت کان ان علائقي جي اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙھائيندو ھو۔ آثار قديمه سان سندس عدم دلچسپي سبب وٽس ڪا به معقول معلومات ڪا نه ھئي، ھو به عام ماڻھن جيان حقيقت بدران ٻڌل ڪھاڻين ۽ ڏند ڪٿائن تي ڀاڙيندو رھيو۔ .

گودي بنگلو گھمڻ کان پوءِ بنا ڪنھن تاريخي ثبوتن جي آئون ان نتيجي تي پھتو آھيان ته اِھا عمارت نه ته ڪا فوجي ڇانوڻي آھي ۽ نه ئي ڪو پوليس ٿاڻو، ڇو ته اڪثر ماڻھن وٽ اھڙو گمان آھي ۽ ھو پنھنجي ڳالھين ۾ ان قسم جو تاثر ڏيندا رھن ٿا۔ جيئن ته بڊاڻي شھر دريا جي ڪپ تي اڏيل ۽ ڀرسان ئي بچاء بند آھي، ان لاءِ برطانوي دور ۾ ايريگيشن جو مرڪز اھو ئي ھنڌ ھو، بلڪل ايئن ئي جيئن موجود وقت ۾ گڊو بئراج آھي، گودي بنگلو دراصل ايريگيشن بنگلو ئي آھي، جنھن ۾ آبڪلاڻي واري وقت ۾ انجنيئر سرويئر ۽ ٻيا عملدار اچي قيام ڪندا ھا جنھن ۾ اڪثريت انگريز آفيسرن جي ھوندي ھئي، تهھ خانو جنھن لاءِ چيو ويندو آھي ته ماڻھن کي قيد ڪيو ويندو ھو، ان ۾ ھوا ۽ روشني لاءِ ڪو سوراخ يا دري وغيره ڇڏيل ناھي، جنھن کي روشندان چئي سگھجي، ٻيو ته ان جڳهه ۾ پنجاهه ماڻھن جي رھڻ جيتري گنجائش به نه ٿيندي، روشني ۽ ھوا جي بغير قيدين جو گھڻي وقت تائين زنده رھڻ ممڪن ڪيئن ٿي سگھندو ھوندو ؟ ان ڳالهه جي تناظر ۾ ان امڪان کي به رد ڪري سگھجي ٿو ته ان ھيٺاھين ھنڌ تي آفيسرن جا گھوڙا ٻڌا ويندا ھجن، يقينن ان ھنڌ کي اسٽور طور ئي استعمال ڪيو ويندو ھوندو کائڻ ۽ پيئڻ جي سامان کان سواءِ گھوڙن لاءِ گاهه وغيره ڪٺو ڪيو ويندو ھوندو ڇوته تنھن وقت آفيسرن جي استعمال ۾ به گھوڙا ئي ھوندا ھئا، ان بنگلي ۾ ڦاسي گھاٽ جي ھجڻ واري ڳالهه ۾ ڪو وزن ان ڪري به ناھي جو انگريز سرڪار پنھنجي شروعاتي دور ۾ پنھنجو دٻدٻو ۽ رعب ويھارڻ خاطر باغين ۽ ٻين ڏوھارين کي وڻن سان ٽنگي ڦاسيون ڏنيون پر جڏھن کان سينٽر جيل ٺھيا ته موت جي منتظر قيدين کي اوڏانھن منتقل ڪيو ويندو ھو، جڏھن جوڊيشنل جيل ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڀي ڦاسي گھاٽ ناھي، جيڪي پڻ انگريز دور جا ٺھيل آھن ته پوءِ ان بنگلي ۾ ڪٿان آيو،

دراصل جنھن سوراخ ۽ ھيٺ ٿلھي جھڙي جاء کي ڦاسي گھاٽ سمجھو وڃي ٿو، اھو ڦاسي گھاٽ نه پر مصنوعي ھوا پئدا ڪرڻ وارا جھالر لڳل ھوندا ھا، جن کي بيلدار رسن جي مدد سان ھيٺ ويھي ڇڪي ھلائيندا رھندا ھا، اھي رسا ڇڪڻ مشڪل نه پر آسان ھوندا ھا، ۽ ھڪ ماڻھوءَ ھڪ رسو ھڪڙي ئي ھٿ سان خاصي دير سان ڇڪي سگھندو ھو۔ان ڳالهه جو پڪو امڪان موجود آھي ته علائقائي امن ۽ امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ ان بنگلي ۾ فوج يا پوليس جي عارضي پڪٽ ضرور قائم ٿي ھوندي تڏھن ئي ته اھڙو تاثر قائم ٿيو ته اِھا ڪا فوجي ڇانوڻي يا ڪو پوليس ٿاڻو ھو، بھرحال آھي ايريگيشن بنگلو ئي۔

ڪشمور ضلعي ۾ گودي بنگلي کان سواءِ ڪجھه  ٻيا به قديم آثار موجود آھن، جنھن ۾ چانڊول بنگلو ۽ کيوالي ڪوٽ شامل آھي، چانڊول بنگلو پڻ ايريگيشن وارن جو بنگلو ھو، جنھن جون پڻ ماڻھون سرون به پٽي کڻي ويا ھاڻي اتي ان جي نالي کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به موجود ناھي۔ کيوالي ڪوٽ جيڪو مٽيءَ جو ٺھيل آھي، اھو ٽالپرن جي دور حڪومت کان به اڳ جو اڏيل لڳي ٿو، جنھن بابت چيو ويندو آھي ته ڪوٽ لاءِ جيڪا مٽيءَ پسائي ويندي ھئي ان ۾ پاڻي بدران ڏاچين جو کير استعمال ڪيو ويندو ھو، ڄاڻايل ڪوٽ مزاري ڳوٺ لڳ سوئي روڊ تي واقع آھي، آئون جڏھن پھريون ڀيرو اھو ڪوٽ ڏسڻ لاءِ وڃي رھيو ھئس ته پري کان مونکي ايئن لڳو جھڙوڪ ڪو مٽيءَ جو دڙو يا ننڊڙو پھاڙ جو ٽڪرو ھجي، ڪلراٺي زمين ھجڻ سبب ڪوٽ جو گھڻو حصو ڪري چڪو آھي ۽ رھيل سھيل باقي حصي کي پڻ ڪلر ڪپيندو رھي ٿو، موسمن ۽ ڪلر کان وڌيڪ کيوالي ڪوٽ کي گھڻو نقصان خزانو ڳوليندڙ لالچي ماڻھن ڏنو آھي، جن ڪوٽ جي اندر ۽ ٻاھران ديورن جي بنيادن ۾ کڏا ھڻي ڇڏيندا ھا ۽ انھن ۾ برساتن جو پاڻي ڀرجي ويندو ھو، جيڪو آھسته آھسته ان ڪوٽ کي جھوريندو رھيو۔ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڪجھه ه دوستن جو خيال آھي ته موجوده ڪشمور شھر ھاڻوڪي ھنڌ تي ٽيون ڀيرو آباد ٿيل آھي۔ان لاءِ ان شڪ ۾ ڪجهھ پڪ نظر اچي ٿي ته ڪنھن دور ۾ شايد ڪشمور شھر کيوالي ڪوٽ وٽ وسندو ھجي، جتان پوءِ ڪنھن ڪارڻ سبب لڏ پلاڻ ڪري ھاڻوڪي ھنڌ تي شھر اڏيو ويو۔ بھرحال قديمي آثار، قومن جو ورثو ۽ سڃاڻپ ھوندا آھن۔ ڌيان ۽ تحقيق طلب انھن ماڳن جي اسان کي مالڪي ڪرڻ گھرجي۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.