هڪڙي الزام تي ايڏو هنگامو ڇو ؟

تحرير؛خالد سعيد

مڃيون ٿا ته هٿ جو پنج ئي اڱريون برابر نه هونديون آهن ۽ اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي ته هر ڪو ضمير جو سودو نه ڪندو آهي پر هڪ اڳوڻي منصف ڪنهن ٻئي منصف تي اهو الزام لڳائي ڇڏيو ته هن ڪنهن کي چيو هو ته فلاڻي ماڻهون يا خاتون جي ضمانت منظور نه ڪئي وڃي ته زمين جي هيٺان ڪهڙيون ٽيڪٽونڪ پليٽون (..Tectonic Plates) پنهجي جاءِ تا ن ڌڏي ويون جو زلزلو اچي ويو ؟ ڪهڙو اعمال نامو ڪارو ٿي ويو ؟ هتي گهڻن جو دا من صاف آهي ؟ ڇا ان تي تحقيقاتي ڪميشن جوڙڻ جي دعا ڏيندڙ کي معلوم نه آهي ته اسان جا مايه ناز  منصف هڪ بي گناهه وزير اعظم کي ڦاهي چاڙهي چڪا آهن؟ ڪهڙا ثبوت ، ڪهڙا شاهد ۽ ڪهڙيون واقعاتي شهادتون ؟آخر ڪنهن ته انهن منصفن کي به ايئن ڪرڻ جي لاءِ چيو هو. ڇا اها ڊڪٽيشن نه هئي ۽ ڇا ان ڊڪٽيشن تي عمل نه ڪيو ويو هو. سڀني کي سڀ معلوم آهي، ڪهڙو آسمان ٽُٽو  يا زمين ڦاٽي پئي ؟ هاڻي سڄي ملڪ ۾ مڇيءَ مارڪيٽ جيان گوڙ ڇو پيو ڪيو وڃي ؟

هڪ منصف چئن ستارن واري جرنيل کي سنگين غداري جي الزام ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي پر انصاف جو مان مٿاهون ڪندڙ ٻيا اڳيان اچي ويا ۽ قانون جي اوٽ وٺي مقدمي کي ئي ٺپ ڪري ڇڏيو. سمورن نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ خاموش ٿي ويا. قانون ته انڌو هوندو ئي آهي پر ملڪ جي عوام کي انڌو نه سمجهيو وڃي. دعا ڪرڻ گهرجي ته سمورن بااختيار ۽ وڏن ماڻهن جو ضمير سڪون جي ننڊ ستل رهي. جيڪڏهن اهو ڪنهن ڏينهن جاڳي پيو ته ايترا حلفيه بيان ايندا جو اسين ٻين کي ته ڇا خود پنهنجو منهن آئيني ۾ ڏسڻ جهڙا نه رهنداسين.

گوڙ ڪنهن اهڙي ڳالهه تي ڪبو آهي جيڪا اڻ ٿيڻي هجي. جيڪو لڳاتار ٿيندو آيو هجي  ان تي هاءِ گهوڙا چڱي نه ٿي لڳي. جن ماڻهن قانون جي مطابق انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان انهن سان ٿيندڙ ورتاءُ پڻ ڏٺو. ڪنهن ڇا ڪري ورتو؟ سڀ ڪجهه ساڳي طرح ٿيندو آيو آهي ۽ انهيءَ طرح ٿيندو رهندو. اسان جي نظام ۾ جينياتي نقص آهي. جنهن کي ختم ڪرڻ جي نه ته ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ نه ئي اسين ايئن ڪرڻ چاهيون ٿا.

2012 ۾  سپريم ڪورٽ، اصغر خان ڪيس ۾ ايف آءِ اي ،کي حڪم ڏنو ته 1990 ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ آءِ ايس آءِ طرفان سياستدانن ۾ 14 ڪروڙ رپين ورهائڻ جي تحقيقات ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ جواب ۾ ايف آءِ اي چيو ته ان ڪيس کي بند ڪيو وڃي. ڪيس ته کليل آهي پر فائل بند آهي. ٻن ٽن ورهين بعد اڌ ڪلاڪ جي ٻڌڻي ٿي ويندي آهي. ڪنهن ڇا ڪري ورتو ؟ عدليه آزاد آهي،پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪندي،اها اسانجي، اوهان جي مرضي جي  تابع نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجو مشورو آهي ته اهو پاڻ وٽ رکي.

فرمان جاري ٿيو ته عدليه جو هر جج قابل احترام آهي. اهو فرمان اکين  تي پر ان سوال جو به جواب عطا ڪيو وڃي ته جسٽس قيوم يا جسٽس نسيم حسن شاهه يا انهن جهڙا ٻيا ججن تي ملامت ڇو ڪئي ويندي آهي ؟ اڄ جنهن جج ڪنهن راز تان پردو کنيو آهي ته ڇا اهو احترام جي قابل نه رهيو يا اصول اهو آهي ته  جيستائين ڪو جج پنهنجي زبان بند رکي ته فخر جي قابل رهندو ؟

جبري اغوا ڪيل  فردن جي گهر ڀاتين ڪهڙي در جو ڪڙو  نه کڙڪايو ؟ ڇا انهن سان انصاف ٿي ويو ؟ڪير آهي جيڪو انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيڻ نٿو ڏئي ؟جيڪڏهن عدالتن تي ڪو دٻاءُ نه آهي ته انصاف جي ديوي انهن مقدمن ۾ پنهنجو مٿو گوڏن ۾ لڪائي ڇو سمهي ٿي رهي ؟ خاموش رهو ته انصاف جي لاءِ تڙپندا رهو جيڪڏهن ڪجهه ڳالهايو ته توهين عدالت جي تلوار جي هيٺ اچي وڃو. جبري اغوا جو ڪيس ٿاڻي ۾ داخل نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي داخل ٿي به وڃي ته مدعي جي اصرار جي باوجود ملزم جو نالو  داخل نٿو ڪيو وڃي. جڏهن ايف آءِ آر ۾ ملزم جو نالو ئي نه هوندو ته جاچ ڪنهن کان ڪئي ويندي ؟

هي اسين ڪهڙي انصاف واري نظام ۾ جيئون پيا ؟ مهذب طريقو ته اهو ئي  آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سچو يا ڪوڙو الزام لڳايو آهي ته ان جي تهه تائين پهچڻ گهرجي . ججن جي هڪٻئي خلاف الزام تراشي ته هڪڙي پاسي پر اهي ڪهڙا ماڻهون آهن جيڪي ميڊيا ۾ پنهنجي عدالت لڳائي اهڙي گهٽيا زبان استعمال ڪري رهيا آهن  جنهن کي ٻُڌي ڪري  شرم اچي ٿو.تحقيقاتي ڪميشن جو ته مطالبو ئي نه ڪرڻ گهرجي. اسان جي ملڪ ۾ تحقيقاتي ڪميشن ٺهڻ کان اڳ ان جي رپورٽ جي ڪفن دفن جو انتظام ڪيو ويندو آهي.جسٽس حمود الرحمان ڪيشن کان وٺي ڪري شوگر مافيا ڪميشن  تائين ڪنهن جي رپورٽ آڏو آئي آهي ؟

هاڻي چون ٿا ته سياستدان ججن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ڇا پي سي او تحت قسم کڻڻ جي لاءِ ججن تي سياستدانن دٻاءُ وڌو هو ؟ڇا اهي جج جن نظريه ضرورت جي تحت هڪ بدترين آمر کي اقتدار جو قانوني جواز مهيا ڪيو هو، ڪنهن ٻئي ملڪ مان گهرايا ويا هئا؟ ڇا انهن کي به قابل فخر ۽ قابل احترام چيو ويندو.قراقرم ۽ هماليه جي چوٽين جو شان وشوڪت پنهنجي جاءِ تي پر ريگستان ۾ ريت جي ڀٽن کي ته انهن سان نه ملائڻ گهرجي. جن جو مقام ۽ اوچائي هوا طئي ڪندي آهي.

ماڻهون رڳو انصاف جي دروازي کان واقف آهن، جنهن جو ڪڙو کڙڪائيندي کڙڪائيندي  هنن جي عمر گذري ويندي آهي.پاڪستان ۾ ان کانسواءِ به گهڻا ئي دروازا آهن، ننڍا وڏا، ڪاٺ يالوهه جا ٺهيل. ڪجهه دروازن جو خاص طور تي ذڪر رهندو آهي. جيئن يونيورسٽين جي گيٽ تي لکيل هوندو آهي، باب العلم يعني علم جو دروازو. ڪجهه دروازن سان مذهبي جو تعلق هوندو آهي جيئن ڪنهن بزرگ جي مزار جو بهشتي دروازو، ماڻهون سمجهندا آهن ته بس ان دروازي مان گذري وياسين ته ٻيڙو ئي پار آهي تنهنڪري جنهن ڏينهن اهو دروازو کلڻو هوندو آهي  ان ڏينهن ڀورن ۽ سادن ماڻهن کان وڌيڪ لوفر ،چور۽ ڏوهاري قطار لڳائي ڪري گذرڻ جا منتظر هوندا آهن، ته جيئن اڳيون حساب چڪتو ڪري نئين سري سان پنهنجو ڌنڌو شروع ڪري سگهن. پر اسان جي ملڪ جو جيڪو دروازو سڀني کان وڌيڪ مشهور آهي اهو چور دروازو آهي، ان دروازي مان صرف انهن هستين کي گذاريو ويندو آهي جن کي اسان مٿان ٿاڦڻ جي ضرورت هوندي آهي.

هن ملڪ جي نصيب ۾ اهڙا ئي ڪنهن دروازي مان آيل ماڻهون آهن، جڏهن ڪوبه ڪنهن مجبوري جي تحت سچ ڳالهائڻ لڳندو آهي ته پوءِ ڪيترا ئي اهڙا چهرا سامهون اچڻ لڳندا آهن، جن جي نيڪ نامي ۽ پارسائي جا قصيدا  ٻڌايا ويندا هئا. ڇا ثاقب نثار کان اهو سوال به نه پڇڻ گهرجي ته جڏهن هو موڪلون ملهائڻ گلگت ويو ته ان سان اهي بزنس مين ڪير هئا جيڪي اتي هڪ دريا جي ڪناري هوٽل تعمير ڪرڻ پئي چاهيو.ڇا ڪاروباري ماڻهن سان وقت جي قاضي جي ايتري ويجهڙائي ان جي شخصيت تي سوال جو نشان نٿي لڳائي ؟ پاڻ پڏائڻ يا خود ثنائي جي جنون ۾ مبتلا ان صاحب پنهنجي شخصيت جي چوڌاري  پاڪائي جو ڪوٽ لڳائي رکيو  آهي. عدالت ۾ ٻين جي توهين ڪرڻ ڪنهن چيف جسٽس کي سُونهي نٿو. پر هن ڪيترا ئي ڀيرا  ايئن ئي ڪيو . هاڻي جيڪڏهن ان تي سنگين نوعيت جا الزام لڳايو ويو آهي ته ان کي هڪ سنجيده معاملو سمجهڻ گهرجي ۽ ان جي تصديق جا بي شمار طريقا آهن. وقت ٻڌائيندو ته اسان عدليه تي لڳل ان داغ کي ڌوئڻ جي طاقت ۽ عزم رکون ٿا  يا نه..

لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.