صحافين بابت انڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي صحافين جي مالي مدد خاطر انڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ وزير اعليٰ کي سمري تيار ڪري اُماڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي ڪالهه اطلاعات کاتي جي وفد سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽي، خزانچي وحيد راڄپر، گورننگ باڊي جو ميمبر رشيد ميمڻ، سينيئر صحافي ذوالفقار واهوچو، صلاح الدين عباسي، وحيد ميمڻ ۽ فياض قريشي سميت صحافين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات کاتي جي وفد ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز غلام ثقلين، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان، ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس اختر علي سرهيو شامل هئا. ان موقعي تي صحافين جا مسئلا مالي امداد جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ، ميڊيا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي قيام کان علاوه ٻين معامل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي ڊائريڪٽر جنرل پبليڪيشن کي هدايت ڏني ته صحافين جي مالي امداد لاءِ انڊومنٽ فنڊ جي قيام جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ جي لاءِ سمري تيار ڪئي وڃي جڏهن ته ميڊيا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي قيام جي لاءِ پريس ڪلب جي مشوري سان نالا فائنل ڪيا وڃن ته جيئن فوري طور تي ان جو قيام عمل ۾ آڻي سگھجي. رشيد احمد سولنگي وڌيڪ چيو ته اطلاعات کاتي ۾ بهتري ۽ جديد اصلاحن جي لاءِ جلد انفارميشن ڪانفرنس ڪرائي ويندي جنهن ۾ صحافين  ۽ اطلاعات کاتي جي آفيسرن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مشورن سان سفارشون جوڙي اطلاعات کاتي سنڌ کي جديد طرز تي هلايو ويندو. ان کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب جي انتظاميا پاران اطلاعات کاتي جي وفد کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.