گوادر ۾ ڌرڻو جاري، سي پيڪ، پنجاب، چين اقتصادي راهداري آهي:مولانا هدايت الرحمان

گوادر( م ڊ) گوادر ۾ مقامي ماڻهن خاص طور مهاڻن جي سمنڊ ڏانهن اچ وڃ بند ڪرڻ خلاف مولانا هدايت الرحمان جو ڌرڻو جاري آهي، مقامي ماڻهن رستا روڪ،سمنڊ ۾ ٽرالرن جي آمد خلاف واءِ چوڪ تي ڌرڻي چوڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.  مولانا هدايت الرحمان پاڪ، چين اقتصادي راهداري کي پنجاب چين اقتصادي راهداري قرار ڏيندي چيو ته جنهن شهر ۾ اقتصادي راهداري جو ڪم ٿئي، اتي پيئڻ جو پاڻي نه هجي ته اهڙي سي پيڪ تي لعنت هجي. مولانا جي ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ آهن. هڪ اڳواڻ ماجد چيو ته مولانا واحد ماڻهو آهي جو سمهي به ڌرڻي ۾ ٿو. هوڏانهن  قوم پرستن خلاف ڪارروائي ۽ مولانا کي ڌرڻي ۾ ڇوٽ تي شڪ به اڀرڻ لڳا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.