گيهه ۽ کاڄرو تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف انڪوائري روڪڻ وارو حڪم معطل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ گيهه ۽ آئل جي اگهن ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي انڪوائري روڪڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت قرار ڏنو آهي ته مسابقتي ڪميشن پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪندي ملن خلاف انڪوائري ڪري، عدالت چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ ڪجهه خاميون آهن جن تي وضاحت جي ضرورت آهي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مسابقتي ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم پورٽل تي روز مرهه جون شيون مهانگيون ٿيڻ جون شڪايتون آيون، جنهن تي ڪميشن 117 ملن خلاف انڪوائري ڪئي پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ جاچ رڪجي وئي آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪريون ٿا، ڪميشن پنهنجي انڪوائري جاري رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.