ڪراچي پريس ڪلب ميمبرن کي 211 پلاٽن جي ٻيهر الاٽمينٽ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي ڏنل پلاٽن مان 211 پلاٽن جي  ري الاٽمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو. مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي صدارت ۾ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي گورننگ باڊي جو اٺون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي ڏنل پلاٽن مان 211 پلاٽن جي ري الاٽمينٽ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل، سيڪريٽري بلديات نجم شاھ، ڊائريڪٽر جنرل لياري ڊيولپمنٽ اٿارٽي محمد اسحاق کهڙو، ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي، سپريٽيڊنٽ انجنيئر لياري ڊيولپمنيٽ اٿارٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صحافت جمهوري معاشري جو اهم حصو آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.