کير جو اگهه مقرر ڪرڻ جي هدايت، رڪارڊ مهانگائي سبب هر ماڻهو پريشان آهي :چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ کير جي قيمتن ۾ واڌ تي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عرفان عزيز عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ کير هن وقت 140 کان 150 روپيه ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، عدالت چئن هفتن ۾ قيمتون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڌيڪ منافعو وٺندڙ جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ چيو ته ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگائي سبب هر ماڻهو پريشان آهي، ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو ته منافعي خورن جي خلاف ڪارروائي جاري آهي، کير جون قيمتون مقرر ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ 24 نومبر تي اجلاس ٿيندو، هن چيو ته 231 منافعي خورن تي هڪ ڪروڙ 19 لک روپين کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ان کان پوءِ عدالت منافعي خورن جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کير جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.